چمڙي جي خارش جو سبب صرف الرجي نه ذهني بيماري پڻ ٿي سگهي ٿي: تحقيق

news

سويڊن: آچر03نومبر2019ع: طبي ماهرن هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته چمڙي جي خارش جو سبب ڪنهن شئي کان الرجي ٿي وڃڻ يا ايگزيما جهڙي بيماري ئي نه پر ان جو هڪ ٻيو سبب ذهني بيماري پڻ ٿي سگهي ٿي جنهن جو علاج ڪرڻ بنا خارش کان ڇوٽڪارو ناممڪن آهي.

سائنسي رسالي جرنل آف انويسٽيگيٽو ڊرماٽولوجي ۾ شايع ٿيندڙ هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته چمڙي جي خارش جي سببن ۾ الرجي، ايگزيما ۽ psoriasis جو هجڻ ضروري ناهي پر ان خارش جو سبب اها بيماري پڻ ٿي سگهي ٿي جنهن طرفان اوهان جو ذهن پڻ نه وڃي.

سويڊن جي يونيورسٽي سان لاڳاپيل ليڪچرار ۽ چمڙي جي ماهر فلورينس جي ڊلگارڊ برطانيه، فرانس، جرمني، روس سميت 13 يورپي ملڪن جي مريضن جي ڊيٽا جمع ڪئي جيڪي مختلف چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا هئا ۽ ان سروي ۾ مريضن جون معاشي حالتون ۽ ذهني صحت بابت پڻ سوال ڪيا ويا هئا.

تحقيق ڪندڙن مريضن جي ڊيٽا جي ڇهه ماهي جي بنياد تي تجديد ڪندا ويا، 3 سالن کانپوءِ چمڙي جي خارش کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙ مريضن مان 56سيڪڙو اينٽي هسٽامين يعني الرجي ختم ڪندڙ دوا جي بنا ئي صحتياب ٿي ويا انهن مريضن جي خارش بدران ڊپريشن ۽ اينزائيٽي جهڙين ذهني بيمارين جو علاج ڪيو ويو هو.