انٽرپول اسحاق ڊار جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

news

لنڊن: (سومر 04 نومبر 2019ع)  انٽرپول پاڪستان جي حڪومت پاران ڏنل درخواست تي اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي گرفتاري جي لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

اڳوڻي ناڻي واري وزير انٽرپول کي ثبوت ڏيندي ٻڌايو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت سياسي انتقام جو نشانو بنائي رهي آهي. منهنجو نالو نه ته پاناما ليڪس ۾ آهي ۽ نه ئي وري 20 اپريل 2017 جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ موجود آهي. 

هوڏانهن انٽرپول اسحاق ڊار کي خط لکي آگاهه ڪيو آهي ته اوهان ڪنهن  به ريڊ نوٽيس تي ناهيو. ٻئي طرف پاڪستان جي اڳوڻي ناڻي واري وزير جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي هئي جنهن کي شاهدن جي جانچ وٺڻ کان پوءِ انٽرپول رد ڪري ڇڏيو.

انٽرپول جي ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان جي حڪومت وفاقي  گهرو وزير جي اڳواڻي ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير جيڪو هن وقت لندن ۾ ترسيل آهي. ان جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي پر انٽرپول اسحاق ڊار طرفان جمع ڪرايل شاهدين جي جانچ وٺڻ کان پوءِ اها درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سرڪاري ذريعن موجب فرانس جي شهر ليون ۾ انٽرپول جي جنرل سيڪريٽريٽ جي قانوني معاملن جي آفيس پاران سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي.