ڪربلا ۾ مظاهرين جو ايراني قونصل خاني تي حملو، جهنڊو لاهي ڇڏيو

news

بغداد: (سومر 04 نومبر 2019ع) عراق ۾ حڪومت مخالف مظاهرن ۾ تيزي اچي وئي آهي ۽ مظاهرين ڪربلا شهر ۾ ايراني قونصل خاني تي حملو ڪري اتي لڳل جهنڊو لاهي اڇلي ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب عراق ۾ حڪومت جي خلاف مظاهرا زور وٺي ويا آهن. احتجاجي مظاهرين ڪربلا شهر ۾ ايراني قونصل خاني جي ٻاهران سخت احتجاج ڪيو. مڇريل مظاهرين قونصليٽ جي اندروني ڀت جي ٻاهران ٽائر ساڙيا ۽ ايراني جهنڊو لاهي عراقي پرچم ڦڙڪايو. ان موقعي تي عراقي حڪومت ۽ ايران جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

سيڪيورٽي فورس هوائي فائرنگ ڪري مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن سيڪيورٽي اهلڪارن مٿان پٿراءُ شروع ڪري ڇڏيو. هوڏانهن عراقي وزيراعظم عادل عبدالمهدي چيو آهي ته مظاهرين پنهنجا مقصد ماڻي ورتا آهن. هاڻ معاشي ۽ واپاري معاملن کي متاثر ڪرڻ بند ڪن. ڇو ته بندرگاهن ڏانهن ويندڙ روڊ بند ٿيڻ  سان اربين ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي. 

ياد رهي ته عراق ۾ بدعنواني ۽ بيروزگاري جي خلاف سخت احتجاج ڪيو پيو وڃي ۽ مظاهرين حڪومت کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. مظاهرين جي ڪاوڙ جو نشانو عراقي حڪومت جو حمايتي ملڪ ايران جي طرف به آهي. ان مظاهرن جو سلسلو هڪ مهيني کان جاري آهي جنهن دوران سيڪيورٽي فورس جي فائرنگ سبب 250 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ سوين زخمي به ٿي چڪا آهن.