ٽنڊو محمد خان ۾ نعت خوانن حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي شان مبارڪ تي روشني وڌي

news

ٽنڊو محمد خان: سومر 04 نومبر 2019ع،درگاھ حضرت سيد سخي شاھ ديوانو سلطان ھاشمي  جي درگاھ احاتي اندر  سنڌ جي مشھور  نعت خوانن  اسانجي پياري نبي ڪريم حضرت محمد مصطفا  ص جن جو شان مبارڪ تي روشني وڌي ۽   نعت رسول مقبول پڙھيون حضور ڪريم ص  جي آمد ,آقا جي آمد, مرحبا جا نعرا ھنيا ويا.

ان موقعي تي درگاھ جي فقير دلشاد مستانو  آيل عقيدت مندن کي چيو ت اسان مسلمانن لاء نھايت وڏي خوشي جا ڏينھن آھن اسان مسلمان خوشنصيب آھيون ھي ڀلارو ۽ برڪتن وارو مھينو آھي اسان  کي پيار ۽ امن ڀائچاري سان رھڻ گھرجي.

ان موقعي تي آيل  مريدن ۽ عقيدت مندن ۽ ملڪ پاڪستان جي سلامتي  لاء خاص دعائون پڻ گھريون ويون.