ٽنڊو محمد خان ۾ پي پي ايڇ آءِ جي ملازمه آپگهات ڪري ڇڏيو

news

 ٽنڊو محمد خان: سومر 04 نومبر 2019ع، ٽنڊو محمد خان جي يونين ڪائونسل  ٽنڊوسائينداد ۾  پي پي ايڇ آئي ۾ ڪم ڪندڙ 35 سالن  جي شادي شده عورت گهر اندر پنکي ۾ روئو ٻڌي  آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.

ان ڏس ۾ ٽنڊومحمدخان جي ٽنڊوسائينداد پي پي ايڇ آئي جي ملازم 35 سالن  جي شادي شده عورت مسمات نورجهان چانڊيو پنهنجي گهر ٽالپر ڪالوني واري محلي ۾ پنکي ۾ روئو ٻڌي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.

مليل اطلاعن موجب گذريل 2 مهينن کان پنهنجي مڙس هن کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي جنهن ڪري هو پنهنجي مڙس کان عليحدگي سبب سخت پريشان هئي ٽنڊومحمدخان سٽي ٿاڻي جي پوليس  آپگهات ڪندڙ عورت جو لاش ڊسٽرڪٽ سول اسپتال پهچايو.

جتي ليڊي ڊاڪٽرياڻي پاران لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد ضروري ڪاغذي ڪاروائي ڪرڻ کانپوءٌ لاش سندس وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته آيا طور ڪم ڪندڙ عورت مسمات نور جهان چانڊيو پنهنجي مڙس کان عليحدگي ڪرڻ بعد ٽالپر ڪالوني پاڙي ۾ پنهنجي مائٽن جي گهر رهندي هئي کيس پنهنجي مڙس مان چار ٻارن جي ماءُ آهي.