مورو ڀرسان ڳوٺ سيال مورِي ۾ ناڪارا ڊرينج نظام، رهواسي گندي پاڻي مان ميت کڻي وڃڻ تي مجبور

news

مورو: سومر 04 نومبر 2019ع، موري ڀرسان ڳوٺ سيال مورِي ۾ ڊرينج جو ناڪارا نظام ھجڻ سبب گٽرن ء پوندڙ مينھن جو پاڻي گھرن ء گھٽين اڳيان تلائن جي صورت اختيار ڪري ورتي آھي جنھن سبب رھواسين کي اچ وڃ م پڻ سخت تڪليف جو مُنھن ڏسڻو پئجو رھيو آھي ء ڳوٺ مان گٽرن جي گندي پاڻي مان ميت کڻي وڃڻ تي مجبور آهن.

ان سلسلي م ڳوٺاڻن ٻڌايو ته سندن ڳوٺ ۾ ڪي به ترقياتي ڪم ناهن ڪرايا ويا، جنهن سبب رستا ۽ گهٽيون گندي پاڻي ۾ ٻڏل آهن هنن چيو ته هو ميت به گندي پاڻي مان گزاري قبرستان وڃڻ تي مجبور آھن.

جنهن ڪري کين سخت ڏکيائيون پيش اچن ٿيون ء ٻار اسڪول بہ نہ ٿا وڃي سگھن جن جي تعليم پڻ متاثر ٿي رھي آھي.

ڳوٺاڻن چيو ته چونڊيل نمائندا ووٽ وٺي هليا وڃن ٿا جنهن بعد ڪو لڙي به نٿو اچي، ڳوٺ سيال مورِي جي رهواسين مطالبو ڪيو ته ڊرينج نظام بهتر بڻائي کين روڊ رستا ڏنا وڃن.