مورو ۾ پ ٽ الف جي حلف برداري تقريب، چيئرمينن ۽ سيڪريٽرين حلف کڻي ورتا، وائيس چيئرمينن شرڪت نه ڪئي

news

مورو: سومر 4 نومبر 2019ع، مورو پ ٽ الف جي مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي پاران جاري ڪيل ضلعي نوشھروفيروز سميت پنجن تعلقن نوشھروفيروز، مورو، ڪنڊيارو، محرابپور، ڀريا لاءِ نامزد ڪيل چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ء سيڪريٽرين جي حلف وفاداري تقريب راشد مورائي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مورو ٽائون ڪيمپس ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ضلعي نوشھروفيروز سميت پنجن تعلقن جي استادن شرڪت ڪئي۔

ان موقعي تي اليڪشن ڪاميٽي پاران ضلعي نوشھروفيروز لاءِ نامزد ڪيل چيئرمين علي اصغر ڪانڌڙو، وائيس چيئرمين خادم حسين ۽ نامزد ڪيل سيڪريٽري امتياز علي وڳڻ، سٽي نوشھروفيروز جي لاءِ نامزد ڪيل چيئرمين عبدالعزيز چنا، وائيس چيئرمين شاھد حسين عمراڻي ۽ نامزد ڪيل سيڪريٽري محمد مٺل چانڊيو، تعلقي نوشھروفيروز لاءِ چيئرمين محمد انيس خاصخيلي، وائيس چيئرمين منير احمد ملڪ ۽ نامزد ڪيل سيڪريٽري عبدالغفور راڄپر، تعلقي ڀريا لاءِ نامزد ڪيل چيئرمين ممتاز علي وڳڻ، وائيس چيئرمين زاھد حُسين ۽ نامزد ڪيل سيڪريٽري امتياز علي ٻٻر، تعلقي ڪنڊيارو لاءِ نامزد ڪيل چيئرمين ارشاد علي ڪلھوڙو، وائيس چيئرمين ھادي بخش سھتو ۽ نامزد ڪيل سيڪريٽري عبدالواحد عباسي، تعلقي محرابپور لاءِ نامزد ڪيل چيئرمين اسداللہ سيال، وائيس چيئرمين صفدر علي ميمڻ ۽ نامزد ڪيل سيڪريٽري زاھد حسين لاکو، تعلقي مورو لاءِ نامزد ڪيل چيئرمين اسداللہ سولنگي، وائيس چيئرمين وزير حسين سولنگي ۽ نامزد ڪيل سيڪريٽري عبدالرزاق مستوئي کي سينئر استاد محمد اسلم عرف ٽيپو سلطان راجپوت حلف کڻايو تقريب ۾ حلف کڻندڙن کي استادن پاران گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون.

ان موقعي تي پ ٽ الف شفيع محمد سٺيو گروپ جي سيد مختيار علي شاھ چيو تہ تنظيمون ذاتي مفاد لاءِ ناھن ھونديون اھي استادن جي حقن لاءِ ھونديون آھن ء اسان استادن جي حقن لاءِ جاکوڙي رھيا آھيون اليڪشن ٿيڻ کانپوءِ ڪامياب ٿي استادن جي ھر مسئلي تي ڀرپور ساٿ ڏنو ويندو ء استادن جي جائز حقن لاءِ ڪردار ادا ڪيو ويندو.

جڏهن ته اليڪشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايل مذڪورہ وائيس چيئرمينن ء تعلقي مورو لاءِ نامزد ڪيل چيئرمين اسداللہ سولنگي ء وائيس وزير حسين سولنگي پڻ تقريب ۾ شرڪت نہ ڪئي نہ ئي وري حلف کنيو تقريب م شرڪت نہ ڪندڙن جو تعلق پ ٽ الف ڇلگري گروپ سان آھي.

ھوڏانھن ڇلگري گروپ جي اڳواڻن جو چوڻ آھي تہ اسان کي شيڊول مطابق ڪا بہ ڄاڻ ناھي اھو عمل سراسر غلط آھي ء اڪثريت جي فيصلي کي نذر انداز ڪرڻ آھي ء اسان جي ڇلگري گروپ جي اليڪشن ڪاميٽي آئيني طريقي سان چونڊيل آھي جنھن کي جنرل باڊي کانسوءِ ڪير بہ رد نہ ٿو ڪري سگھي اسان انھي عمل جي مذمت ڪريون ٿا.