بدين ۾ ڊي سي ۽ آپريشن سيل جي سربراھ رحان بلوچ جي زيرصدارت ڪميٽي هال بدين ۾ گڏجاڻي منعقد

news

بدين: سومر 4 نومبر 2019ع، پوليو ڪيس ظاهر ٿيڻ جو سبب معلوم ڪرڻ، اڳتي لاءِ منصوبابندي ڪرڻ ۽ ذميوارن خلاف سخت قدم کڻڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر بدين ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال ۽ صوبائي ايمرجنسي آپريشن سيل جي سربراھ رحان بلوچ جي زيرصدارت ڪميٽي هال بدين ۾ گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي.

پي اِي او سي جي سربراھ رحان بلوچ چيوته اسان جا ٻار مستقبل جا معمار آهن انهن جي صحت جي حفاظت اسان سڀني جي ذميواري آهي.

هن چيوته هجڻ ايئن گھرجي ته ڏکين علائن ۾ سٺيون ٽيمون موڪلجن پر هتي انهي جي ابتڙ ٿي رهيو آهي هتي سخت علائقن ۾ ڪمزور ٽيمون موڪليون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيوته اسان سب هڪ ٽيم آهيون ۽ اسان کي پوليو خلاف جدوجهد ڪرڻي آهي،

انهي مشن ۾ جنهن جي به ڪوتاهي سامهون ايندي انهي کي برطرف ڪيو ويندو. هن چيو ته ويڪسينيٽرن جي مٿان اها ذميداري آهي ته هو ڏکين علائقن ۾ وڃي ڪري پوليو جي بچاءُ جا ڦڙا ۽ مدي جي بخار کان علاوه ٻارن ۾ پکڙندڙ ٻين بيمارين جا ٽيڪا پڻ وقت سر لڳائين گڏجاڻي ۾ اي وي آئي سنڌ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اڪرم سلطان ڊي ايڇ او بدين ڊاڪٽر لياقت قمبراني ڊسٽرڪت انفارميشن آفيسر بدين ڪينجهر ميمڻ ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي بدين امتياز علي ڪلهوڙو ڊاڪٽر ڪوثر منڌرو ڊبليو ايڇ او جي نمائندن سميت لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.

جڏهن ته پوليو ۽ مدي جي بخار جي هلندڙ مهم بابت ڊاڪٽر ڪريم بخش گاڏائي مڪمل بريفنگ ڏني.