مهيڙ ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت علي جتوئي جي پريس ڪانفرنس

news

ميهڙ: اڱارو 05 نومبر 2019ع، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ميهڙ  لڳ ٻيٽو  جتوئي ۾ پي ٽي آء جي مرڪزي اڳواڻ اڳوڻي وفاقي وزير لياقت علي جتوئي  پاران ڏنل آجياڻي ۾ جوهي جي آبادگارن سان ڳالهائيندي چيو ته جوهي برانچ سميت جوهي تعلقي ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ لاء وفاقي ۽ سنڌ حڪومت سان ڳالهائيندس رينجرز مقرر ڪري پاڻي چورن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

ان بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  مولانا فضل الرحمن جي ڌرڻي ۾ حڪومت پاران رڪاوٽ نه وڌي ويندي مذاڪراتي ڪاميٽي جون ڳالهيون ڪامياب ٿينديون جلد ڌرڻو مولانا ختم ڪندو.

هن چيو ته  وزيراعظم پاران فلاحي  پروگرام کڻي آيو آهيان فلاحي رياست کانسواء عوام جا مسئلا حل نه ٿينداانصاف ڪارڊ ۽ ننگر خانن سان ملڪ جي هر ماڻھو کي فائدو پهچندو.

هن چيو ته وفاق کان  سنڌ حڪومت کي جنهن به شعبي ۾ مدد گهرجي اها فراهم ڪنداسين هن چيو ته اسان روزگار  ڏيڻ آهيون نه ڪي کسڻ گهرون ٿا400 ادارن کي بند ڪرڻ واري افواهن ۾ ڪا به صداقت ڪونهي اهي بي بنياد افواه آهن موقعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آء جو پارلياماني ليڊر  حليم عادل شيخ , ايم پي اي جمال الدين صديقي , جي ڊي اي جو ايم پي اي معظم عباسي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

گورنر جو استقبال لياقت علي جتوئي ,پي ٽي آء سنڌ جي سينئر نائب صدر صداقت علي جتوئي , ڪريم علي جتوئي ۽ ٻين ڪيو.