اڌ ڪلو سون ۽ هيرن سان جڙيل سمارٽ فون، قيمت هڪ ڪروڙ روپيا

news

نيويارڪ: اڱارو 05 نومبر 2019ع: جيڪڏهن هي دنيا جي سڀ کان قيمتي سمارٽ فون نه هجي ها ته به ان جي قدر ڪنهن به طرح گهٽ ناهي ڇو ته ان فون تي اڌ ڪلو سون چڙهيو ويو ۽ 137 قيمتي هيرا جڙيا ويا آهن، فون جي قيمت 70 هزار ڊالر آهي جيڪا پاڪستان رقم ۾ هڪ ڪروڙ پنج لک روپيا ٺهي ٿي.

ڪيويئر ڪمپني آءِ فون اليون کي پنهنجي لحاظ سان سون ۽ هيرن سان جڙيو آهي ۽ فون کي سولارئيس جو نالو ڏنو آهي، ڪيويئر ڪمپني ان فون کي ڪليڪٽر آئٽم طور پيش ڪيو آهي، اها ڪمپني ان کان اڳ به عام فون کي قيمتي ڌاتن ۽ هيرن ۾ لپيٽي وڪري لاءِ پيش ڪندي رهي آهي جنهن جي ڪري ان کي لگزري آئيٽم ٺاهيندڙ ڪمپني جو درجو حاصل آهي. ڪيويئر جي ويب سائٽ تي قيمتي گهڙيون، فون جا ڪيس، سون جا لائٽر ۽ ٻيون مهانگيون شيون وڪري لاءِ رکيون آهن ۽ پوري دنيا جا امير ترين ماڻهو هتان شيون خريد ڪندا آهن، ان فون تي انتهائي قيمتي 137 هيرا لڳل آهن ۽ ان سان گڏوگڏ 500 گرام سون پڻ لڳايو ويو آهي.

70 هزار ڊالر جي سمارٽ فون ڪيس کي سولاريئس جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن جو مطلب آهي ته ڪهڙي طرح سج جا ڪرڻا سياري کي زندگي بخشيندا آهن، ان اختراع ۾ آءِ فون اليون کي سون ۽ هيرن سان سجايو ويو آحي پر هتان به فون اسٽوريج جيل لحاظ کان رقم وصول ڪئي پئي وڃي.