هفتي ۾ ٽي ڏينهن موڪل ۽ چار ڏينهن ڪم، ڪارڪردگي ۾ چاليهه سيڪڙو واڌ

news

ٽوڪيو: اڱارو 05 نومبر 2019ع: مائيڪروسافٽ جاپان گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ دفتري تجربي جا نتيجا جاري ڪندي ٻڌايو ته هفتي ۾ 4 ڏينهن ڪم ۽ 3 ڏينهن موڪلن جي حڪمت عملي سان سندس ملازم نه صرف گهڻو خوش ٿيا پر انهن پهريان جي ڀيٽ ۾ 40 سيڪڙو وڌيڪ ڪم پڻ ڪيو، يعني ڪم جي حوالي سان انهن جي پيداواري صلاحيت ۾ 40 سيڪڙو جي غير معمولي واڌ ٿي وئي.

ياد رهي ته گذريل ڪجهه سال اها تجويز پوري دنيا ۾ گردش ڪري رهيا آهي ته جيڪڏهن ماڻهو پوري هفتي ۾ صرف 4 ڏينهن ڪم ڪن ته ان سان هڪ طرف انهن کي وڌيڪ سڪون ۽ آرام ملندو ته ٻئي طرف ان سان ماحول تي پڻ سٺا اثر پوندا، پر ان تجويز کي وڏي پيماني  تي آزمائڻ لاءِ ڪوبه ادارو پڻ تيار نه هو، آخرڪار اها همت مائيڪروسافٽ جاپان جي انتظاميه ڏيکاري ڇڏي.

هن سال آگسٽ جي مهيني ۾ مائيڪروسافٽ جاپان پنهنجي سمورن جي سمورن 2300 ملازمن لاءِ ورڪ لائف چوائس چيلينج سمر 2019 جو اعلان ڪيو جنهن جي تحت ملازمن کي ڇنڇر ۽ آچر سان گڏوگڏ هر جمعي جي واڌو مڳوڪل پڻ ڏني وئي ته جئين هو پنهنجي نجي زندگي جو مزو وٺي سگهن. موڪلن مان مزو وٺڻ لاءِ هر ملازم کي الڳ سان ڪجهه رقم پڻ ڏني وئي جيڪا وڌ کان وڌ هڪ لک ين (تقريبن ڏيڍ لک پاڪستاني روپيا) جيتري هئي.

اهو تجربو هڪ مهيني تائين جاري رهيو جڏهن ته هن سال آگسٽ ۾ 5 جمعي هجڻ سبب ملازمن کي 31 ڏينهن مان 15 ڏينهن جي موڪل ملي وئي، وڌيڪ اهو ته روزانو ڪم جو وقت پڻ نه وڌايو ويو، يعني مائيڪروسافٽ جاپان جي سمورن ملازمن کي روزانو معمول موجب 9 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويو. تجربو ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪمپيوٽر سائنس، رياضي ۽ سماجيات جي ماهرن پاڻ ۾ ويهي ويا ۽ ان پوري مهيني دوران مائيڪروسافٽ جاپان جي ڪارڪردگي جو ڀرپور جائزو ورتو.

ٻن مهينن تائين جاري رهندڙ ان تجوزئي ۾ جتي اها خبر پئي ته مائيڪروسافٽ جاپان ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي ايوريج ڪارڪردگي ۽ پيداواري صلاحيت ۾ 40 سيڪڙو واڌ ٿي، اتي ئي اهو پڻ ڏسڻ ۾ آيو ته هفتي ۾ ٽي موڪلون ملڻ تي ملازم ڏاڍو خوش ٿيا ۽ انهن جي صحت پڻ سٺي رهي.

گهٽ وقت ڪم ڪريو، چڱو آرام ڪريو ۽ گهڻو ڪجهه سکو، مائيڪرو سافٽ جاپان جي سي اي او تاڪويا هيرانو پنهنجي اداري جي ويب سائٽ تي جاري ڪيل هڪ پريس رليز ۾ چيو ته مان چاهيان ٿو ته ملازم ان باري ۾ سوچين ته هو ڪم جو 20 سيڪڙو گهٽ وقت ۾ اهڙا ئي نتيجا ڪيئن حاصل ڪري سگهن ٿا.

هفتي ۾ چار ڏينهن ڪم سبب ملازمن 25 سيڪڙو گهٽ موڪلون ڪيون آفيسن ۾ بجلي جو گڏيل خرچ پڻ 23 سيڪڙو گهٽجي ويو، ان پوري مهيني دوران مائيڪروسافٽ جاپان جي ملازمن پرنٽر جو استعمال پڻ گهٽ ڪيو ۽ ٻين ڏينهن جي مقابلي ۾ 59 سيڪڙو گهٽ پرنٽ آئوٽ نڪتيون، ملازمن جي 92 سيڪڙو اڪثريت کي هفتي ۾ صرف 4 ڏينهن ڪم ڪرڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي.