سج مان بجلي ٺاهيندڙ سورج مکي جا هٿرادو گل

news

نيويارڪ: اڱارو 05 نومبر 2019ع: اصل سورج مکي جا گل هر وقت پنهنجو رخ سج جي طرف رکندا آهن پر هاڻ ماهرن تمام ننڍڙا هٿرادو سورج مکي جا گل ٺاهيا آهن جيڪي پنهنجو منهن سج طرف رکندي بجلي ٺاهيندا رهندا آهن.

هر گل کي سن بوٽ جو نالو ڏنو ويو آهي هر گل جي ٽاري ۽ ڊنٺل روشني جي لحاظ کان پنهنجو ردعمل ڏيکاريندا آهن ۽ ان جي مٿان توانائي جذب ڪري بجلي ڏيندڙ گل لڳايو ويو آهي، جيتوڻيڪ هڪ گل جي جسامت صرف هڪ ملي ميٽر آهي پر ان ۾ شمسي سيل جهڙو ئي مٽيريل لڳايو ويو آهي ۽ اهو توانائي جمع ڪندو آهي.

هاڻ ايئن ٿيندو آهي جو جيئن ئي سج جي روشني گل تي پوندي آهي اهو گرم ٿي سڪڙجندو آهي، اهڙي طرح تند خميدا ٿي ويندي آهي ۽ گل جو رخ سج طرف ٿي ويندو آهي، جيئن ئي گل بلڪل سج جي طرف اچي ويندو آهي ته گل جو تنو مڙهڻ بدن ٿي ويندو آهي، ان خميدگي جي ڪري گل جو پاڇو تن تي پوندو آهي ۽ اهو ٿڌو ٿي وڌيڪ مڙڻ کان رڪجي ويندو آهي.

اهو ڪارنامو يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي زائمن ئي انجام ڏنو آهي، هن ٻڌايو ته اهڙي طرح سان گل تي لڳل شمسي توانائي جو نظام روايتي شين جي مقابلي ۾ 400 سيڪڙو کان وڌيڪ توانائي ٺاهيندو آهي، ان اهم ايجاد کي عالمي سائنسدانن پڻ ساراهيو آهي.