سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ بين الاقوامي زرعي ايجنئرنگاينڊ ٽيڪنالاجي ڪانفرنس شروع

news

ٽنڊوڄام:اڱارو 05 نومبر 2019ع، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پهرين ٻن ڏينهن واري بين الاقوامي زرعي ايجنئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪانفرنس شروع، ڏيهي توڙي پرڏيهي ماهرن جي شرڪت، صوبائي وزير زراعت محمد اسماعيل راهو افتتاح ڪيو.

خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پهرين ٻن ڏينهن واري بين الاقوامي زرعي انجنئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪانفرنس شروع ٿي چڪي آهي، بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ پرڏيھ مان آيل نائجيريا جي ماهر انجنيئر عاماري، مهراڻ يونيورسٽي جي پروفيسر الطاف علي سيال سميت مختلف ماهر شريڪ آهن، پهرين بين الاقوامي زرعي انجنئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪانفرنس جو افتتاح زراعت کاتي واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو ڪيو.

بين الاقوامي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي زراعت کاتي جي صوبائي وزير محمد اسماعيل چيو ته زراعت کي هٿي ڏيارڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيع آهي، زراعت جي جديد طريقن تي عملدرآمد ڪرائڻ سان ملڪ مان کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.

هن چيو ته فصلن مان مختلف پرڊڪٽس تيار ڪري انهن کي ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلي ملڪي معيشت ۾ اضافو آڻي سگهجي ٿو. ان سان گڏوگڏ عالمي منڊي ۾ پنهنجي پراڊڪٽس جي اهميت وڌائڻ لاءِ زرعي انجنئرنگ شعبي کي عالمي سطح جا جديد لاڙا متعارف ڪرائڻا پوندا،

هن چيو ته موسمي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ سان گڏو گڏ ريگستاني علائقن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڊرون ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ گهرجي، زراعت ۾ جديد لاڙا معتارف ڪرائڻ ۾ زرعي يونيورسٽي جو انتهائي اهم ڪردار رهي آهي. هن چيو ته عالمي سطح جي ڪانفرنس جي بدولت روائتي زراعت مان ڇوٽڪارو حاصل ٿي سگهي ٿو.

هن چيو ته زرعي يونيورسٽي سنڌ جي واحد درسگاھ آهي جنهن جي ڪيل تحقيق سان سنڌ جي زراعت ۾ واڌارو اچي رهيو آهي، هن اداري کي مالي بحران جو شڪار ٿيڻ نه ڏينداسين، هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان يونيورسٽي جي ڪٽوتي ڪيل بجيٽ بابت لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهائي يونيورسٽي کي تحقيق لاءِ وڌيڪ گرانٽ ڏياري ويندي.

ڪانفرنس کي  زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي خطاب ڪندي چيو ته ايڪهين صدي هلي رهي آهي پر اسان وٽ بهتر ٻج جي چڪاس، زميني ذرخيزي ۽ زرعي فارم مشينري جا پراڻا روائتي طريقا استعمال ٿيندا پيا اچن، جڏهن ته ٻاهرين دنيا پرسيڪشن ايگريڪلچر کي استعمال ڪري رهي جيڪا زراعت کي وڌيڪ جديد بڻائڻ ۾ ڪارائتي ثابت ٿي آهي. جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اهڙيون عالمي ويهڪون ڪرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

هن چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران يونيورسٽين جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪرڻ بعد يونيورسٽين وٽ تحقيقي ڪم لاءِ محدود وسيلا بچا آهن، تنهن باوجود زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ملڪي تاريخ جي پهرين عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي آهي، ڪانفرنس ۾ پيش ٿيندڙ تجويزون وفاقي، صوبائي ۽ عالمي سطح جي ادارن کي موڪليون وڃن ۽ انهن کي پنهنجي پاليسين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ زور وڌو وڃي. جڏهن ته ڪانفرنس ۾ نائجيريا مان آيل انجنيئر احمد عمادي، ڊاڪٽر الطاف سيال پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا.

تقريب ۾ شهيد بينظير ڀٽو انجنئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي خيرپورميرس جي وائيس چانسلر سيد مدد علي شاھ، ايرڊ ايگريڪلچر يونيورسٽي جي ڊاڪٽر قمر زمان، ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ، زرعي تحقيقاتي اداري جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر لياقت ڀٽو، زرعي يونيورسٽي جي مختلف فئڪلٽين جي ڊينز ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو، ڊاڪٽر اعجاز احمد کونهارو، ڊاڪٽر عبدالغني لنجار، ڊاڪٽر غياث الدين شاھ، ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر، رجسٽرار غلام محي الدين قريشي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر نعمت الله لغاري، ڊاڪٽر عبدالغفور سيال سميت استادن، شاگردن، زرعي ماهرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ منقعد ٿيل پهرين ٻن ڏينهن واري بين الاقوامي زرعي انجنئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪانفرنس ۾ زراعت سان لاڳاپيل ويھ کان وڌيڪ اسٽال لڳايا ويا جنهن جو افتتاح زراعت واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو ڪيو.