ٽنڊوڄام ويجهو جاري عمر حيات ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائينل سعيد اليون کٽي ورتو

news

ٽنڊوڄام:اڱارو 05 نومبر 2019ع، ٽنڊوڄام ويجهو جاري عمر حيات ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائينل سعيد اليون کٽي ورتو.

خبر موجب موجب ٽنڊوڄام ويجهو جاري چوڌري عمر حيات ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائينل سعيد اليون ۽ غفور ڳاهو اليون وچ ۾ کيڏيو ويو.

جنهن ۾ سعيد اليون پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 128 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ غفور ڳاهو ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 98 رنسون ٺاهي. فائينل جو پليئر آف دي ميچ عرفان جدو، مين آف دي سيريز عمران، بيسٽ بالر آف دي ٽورنامينٽ آصف کي قرار ڏنو ويو.

انهي موقعي تي مهمان خاص رئيس واحد بخش حاجاڻو، چوڌري شوڪت علي جٽ، حاجي امتياز حميد، انجنيئر احسن حميد قائم خاني، پريس ڪلب ٽنڊوڄام جو اڳوڻو صدر اختر آرائين  ٽيمن ۾ انعام ورهايا.