شهدادڪوٽ ۾ عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد سان پنج لک ڏنڊ جي سزا

news

شهدادڪوٽ: اڱارو 5 نومبر 2019ع، شهدادڪوٽ جي ماڊل ٽرائيل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت قتل جو ثابت ٿيڻ تي جوابدار   کي عمر قيد ۽ 5لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ،

جڏهن ته جوابدار پاران قتل جي واردات ۾ استعمال ٿيندڙ پسٽل غير قانوني هجڻ تي 7 سال قيد ۽ 20هزار ڏنڊ پڻ وڌو ويو ياد رهي ته  جوابدار محمد سليم عرف شاهد ميراڻي 3سال اڳ شهر جي اي سيڪشن  ٿاڻي جي حد غريب آباد پاڙي ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي جي ڳالھ تان پسٽل جا فائر ڪري خادم بروهي کي قتل ڪيو هو.

جنهن جي فرياد سندس چاچي رمضان بروهي جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي هئي جنهن جي اڄ ماڊل ٽرائيل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي جتي ماڊل ٽرائيل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڏنڊ جي رقم مقتول جي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

جڏهن ته واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ پسٽل غير قانوني هجڻ جي ڏوه ۾ 7 سال قيد ڪاٺي 20 هزار ڏنڊ ڀريندو جڏهن ته مليل سزا بابت 7 ڏينهن اندر اپيل داخل ڪرڻ جو پڻ حق ڏنو ويو هوڏانهن سزا ٻڌڻ بعد جوابدار کي لاڙڪاڻي سينٽر جيل منتقل ڪيو ويو.