قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ پ ٽ الف جي اليڪشن ڪميٽي لاء عهديدار چونڊي حلف کڻايو ويو

news

شهدادڪوٽ : اڱارو 05 نومبر 2019ع، قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ پ ٽ الف جي  اليڪشن ڪميٽي لاء عهديدار چونڊي حلف کڻايو ويو  چونڊيل پ ٽ الف ضلعي اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين لاءِ غلام عباس مگسي، وائيس چيئرمين لاءِ قربان علي هڪڙو ۽ سيڪريٽري لاءِ اياز حسين چانڊيو کي مقرر ڪري حلف کڻايو ويو.

حلف برداري تقريب ۾ سينئر استاد الطاف علي ميمڻ حلف کڻايو ۽ جنهن کان بعد ضلعي جي مختلف تعلقن لاءِ پ ٽ الف ضلعي اليڪشن ڪميٽي پاران  تعلقي ۽ سٽي لاء اليڪشن ڪاميٽي جا ميمبر مقرر ڪري انهن کي  حلف کڻايو.

ان موقعي تي قمبر تعلقي چيئرمين لاءِ سعدالله جاگيراڻي،  شھدادڪوٽ تعلقي جي چيئرمين لاءِ غلام الله ڀٽي، تعلقي وارھ جي چيئرمين لاءِ عماد حسين کھاوڙ، تعلقي نصيرآباد لاء صبغت الله واهوچي، تعلقي قبو سعيد خان جي چيئرمين لاءِ قربان چانڊيو، تعلقي سجاول جوڻيجي جي  چيئرمين لاءِ سيد ممتاز علي شاھ، تعلقي ميروخان جي  چيئرمين لاءِ محمد ايوب سولنگي.

جڏهن ته قمبر سٽي جي اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين لاءِ خالد احمد راجپوت کي حلف نامو کڻايو ويو،حلف برداري تقريب ۾ ضلعي جي مختلف تعلقن جي استادن ۽ پ ٽ الف اڳواڻن طارق عزيز ڇڄڙي، محمد رمضان مغيري، طريق حسين ابڙي، ديدار حسين مگسي، محمدالزمان جهتيال، محمد الياس جاگيراڻي، علي محمد ڪلھوڙي، احمد علي مغيري، عبدالحفيظ سمي ۽ ٻين استادن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي  ميڊيا وارن  سان ڳالهائيندي ضلعي اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين غلام عباس مگسي چيو تہ 19 جنوري 2020ع تي مرڪزي اليڪشن ڪميٽي طرفان جاري ڪيل اليڪشن شيڊيول تحت ضلعي ، تعلقي ، سٽي ۽ يونٽن ۾ ٿيندڙ اليڪشن لاء جن دوستن کي چونڊيو ويو آھي جن جي ڀرپور ڪوشش ھوندي تہ اليڪشن ڪميٽيون پنھنجون کنيل ذميواريون غير جانبداري طريقي سان نڀائيندي اليڪشن جي مختلف مرحلن کي پنھنجي خلوص ، سچائي،  ديانتداري ، دور انديشي ۽ غير جانبداري سان ذميواريون نڀائيندي اليڪشن کي خير خوبي سان آخري مرهلي تائين پهچائين.

هن جو چوڻ هو ته کيس اهڙو  تاريخي ڪردار ادا ڪن ته جيئن   ٿيندڙ اليڪشن پ ٽ الف جي آئين ۽ قانون موجب صاف ۽ شفاف ٿي وڃي آخر ۾ مقرر ٿيل چيئرمينن ۽ ٻين عهديدار کي مختلف استادن پاران گلن جا هار پارائي کين مبارڪون ڏنيون ويون.