ڊيره اسماعيل خان ۾ فائرنگ سبب ٻه ايف سي اهلڪارن سميت ٽي ڄڻا شهيد

news

ڊيره اسماعيل خان: نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سان ٻه ايف سي اهلڪارن سميت ٽي ڄڻا شهيد ۽ ٻه ايف سي اهلڪار زخمي ٿي پيا.

ڊيره اسماعيل خان جي تعلقي ڪلاچي ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سان 2 ايف سي اهلڪارن سميت 3 ڄڻا شهيد، جڏهن ته 2 ايف سي اهلڪار زخمي ٿي پيا. واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

شهيد ايف سي اهلڪارن ۾ نائيڪ امجد ۽ لانس نائيڪ صغير خان شامل آهن. جڏهن ته زخمي اهلڪارن جي سڃاڻپ سپاهي آصف ۽ سپاهي مير زمان جي نالن سان ٿي آهي.