زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پنج شاگردن جي هاسٽل ۾ داخلا تي پابندي مڙهي ڇڏي

news

ٽنڊوڄام: اربع 06 نومبر 2019ع، زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام انتظاميا انجنيئرنگ فئڪلٽي جي پنج شاگردن جي هاسٽل ۾ داخلا تي پابندي مڙهي ڇڏي، بندش جي نوٽيس سميت شاگردن جا فوٽو هاسٽل جي مکيه دروازي تي لڳايا ويا.

خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي انجنيئرنگ فئڪلٽي جي پنج شاگردن کي ڪئمپس ۽ هاسٽل اندر جهيڙو ڪرڻ جي الزام هيٺ هاسٽل الاٽمينٽ رد ڪري هاسٽل اندر داخلا تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.

جڏهن ته هاسٽل اندر داخلا تي پابندي جي نوٽيس سميت پنجن ئي شاگردن جا فوٽو پڻ هاسٽل جي مکيه دروازي وٽ لڳايا ويا آهن.

جن شاگردن جي هاسٽل اندر داخلا تي پابندي لڳائي ويئي آهي انهن ۾ عطا حسين، عبدالهادي، مسعود احمد، قربان ۽ محمد علي شامل آهن.

رابطو ڪرڻ تي يونيورسٽي جي پبلڪ رليشن آفيسر علي اصغر ڀٽي ٻڌايو ته ڄاڻايل شاگردن مختلف وقتن اندر هاسٽل توڙي ڪئمپس ۾ جهيڙا ڪري ڪئمپس ۽ هاسٽل جو ماحول خراب ڪيو،

جنهن جا ڄاڻايل شاگردن کي نوٽيس پڻ اماڻيا ويا ۽ شاگردن کي ڊسيپلينري ڪاميٽي آڏو پيش ٿيڻ جو نوٽيس پڻ اماڻيو ويو.

پر شاگرد ڊسيپلينري ڪاميٽي آڏو پيش نه ٿيا ۽ انهن جي والدين طرفان به ڪو جواب نه مليو جنهن ڪري انتظاميا اهڙو فيصلو ڪيو آهي.