هڙتال ڪندڙ ڊاڪٽرن جي خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪيو ويندو: لاهور هاءِ ڪورٽ

news

لاهور: (خميس 07 نومبر 2019ع) لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته هڙتال ڪندڙ ڊاڪٽرن جي خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪيو ويندو.

رپورٽ موجب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽرن جي هڙتال جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن(پي ايم ڊي سي) ڪاليج آف فزيشن ۽ ينگ ڊاڪٽرن جا نمائندا عدالت ۾ پيش ٿيا.  ڊاڪٽرن جي وڪيل چيو ته او پي ڊي ۾ هڙتال ناهي. هڙتال ڪندڙ ينگ ڊاڪٽر ناهن پر اهي پوسٽ گريجوئيٽ تحت سکيا وٺندڙ آهن جيڪي هڙتال ڪري سگهن ٿا پر پروفيشنل ڊاڪٽر هڙتال نٿا ڪري سگهن. جنهن تي عدالت چيو ته هڙتال ڪندڙ ڊاڪٽرن جي خلاف فوجداري ڪيس داخل ٿيندو.

ڊيوٽي جي وقت ۾ هڙتال ڪرڻ ڏوهه آهي. پي ايم سي ۽ پنجاب حڪومت هڙتالي ڊاڪٽرن جي خلاف قدم کڻي. هي هيلٿ سيڪريٽري جو ڏوهه آهي جو هي معاملو اڃان تائين حل ناهي ٿي سگهيو.

عدالت سيڪريٽري هيلٿ کان پڇاڻو ڪندي چيو ته جڏهن اوهان ايم ٽي آءِ ايڪٽ قانون کڻي آيا هو ته ان وقت سڀني کي اعتماد ۾ ورتو ويو هو.؟ جنهن تي عدالت ۾ ويٺل وڪيلن آواز لڳائي ته نه اعتما ۾ ناهي ورتو ويو. جنهن کان پوءِ عدالت سڳوري ڊاڪٽرن کي چيو ته اوهان پنهنجي وڏن کان پڇو ته قانون بابت ڇا ڪرڻ گهرجي.

ڊاڪٽرن جي وڪيل چيو ته اسان کي ڪجهه وقت ڏنو وڃي ته جيئن اسان مسئلي جو حل ڪڍي سگهون. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.