پاڪستان ۾ ڊينگي جي مريضن جو انگ چوئيتاليهه هزار تائين پهچي ويو

news

اسلام آباد: (خميس 07 نومبر 2019ع) پاڪستان ۾ ڊينگي جي مريضن جو انگ 44 هزار ٿي ويو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ ڊينگي سبب هينئر تائين 66 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

صحت جي ماهرن موجب ملڪ ۾ آبهوا جي تبديلي، برساتن ۽ گرمي ۾ اضافي سميت ڪيترن ئي سببن جي ڪري ڊينگي ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي.

اسلام آباد ۾ واقع نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ(اين آءِ ايڇ) جي سينئر آفيشل ڊاڪٽر رانا صفدر ٻڌايو ته 2011 ۾ 27 هزار مريض هئا ۽ هاڻ هن وقت انهن جو انگ 44 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2011 ۾ ڊينگي سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 371 هو. هن ان جو سبب آبهوا ۾ تبديلي کي قرار ڏنو پر ان جي وڌيڪ وضاحت ناهي ڪئي.

رانا صفدر چيو ته حڪومت مذڪوره مسئلي جي حل لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي. ايف ايف پي موجب سڀني کان وڌيڪ ماڻهو اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ آهن جتي ڊينگي وائرس جي متاثر ماڻهن جو انگ 12433 کان ٽپي ويو آهي.

واضح رهي ته اهو وائرس ايڊس ايچپنياتي مڇر سان ڦهلجي ٿو جيڪو صاف پاڻي تي وڌندو آهي ۽ پاڪستان ۾ اهو مرض وبائي صورت اختيار ڪري چڪو آهي.