ڪراچي ۾ استادن تي پوليس طرفان ٿيل تشدد ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا: فرحان لاڙڪ

news

ڪراچي: خميس 7 نومبر 2019ع، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ چيو ته قومي عوامي تحريڪ ڪالھ ڪاليج جي استادن تي پوليس طرفان ٿيل تشدد ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪري ٿي.

پر امن احتجاج جھموريت جو حصو آھي ۽ پنھنجو جائز حق وٺڻ لاء استادن سميت جيڪو به احتجاج ڪري ٿو اھو انجو حق آھي ۽ حڪومت وقت يعني سنڌ حڪومت بجاء انھن کي ٻڌڻ ۽ حق ڏيڻ جي پوليس جي ھٿان تشدد ٿي ڪرائي پيپلزپارٽي سنڌي ماڻھن کي جانورن کان به بدتر سمجھي ٿي جو انھن کان پرامن احتجاج جو حق به کسڻ چاھي ٿي.

گرفتار ٿيل استادن کي رھا ڪري سندن کي جائز حق ڏنو وڃي.

ان موقعي تي ڪاشف خاصخيلي ماروف خاصخيلي ساجد عارفاڻي شاھنواز ڀنڊ ستار پنھور سينگار بليدي عمران مڱڻيجو ۽ فرحان مڱڻيو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.