تيز گام سانحي ۾ فوت ٿيل عورت سميت ٻن ڄڻن جا مڙهه ڊي اين اي ٽيسٽ بعد شهدادپور پهچايا ويا

news

شھدادپور: خميس7 نومبر 2019ع، ھفتو اڳ لياقت پور لڳ تيزگام ٽرين حادثي ۾ اجتماع ۾ ويندڙ شھدادپور شھر جي سنھري مسجد لڳ دڪاندار حيدر علي لوھار  ۽ پٽن کان ڪاوڙجي شور ڪوٽ مائٽن ۾  ويندڙ شھر جي ابدال نگر جي 70 سالا عصمت بي بي ملڪ جي لاپتا ٿيڻ بعد  ڊي اين اي رپورٽ ۾ شھادت ٿيڻ جي رپورٽ  اچڻ بعد حيدر علي لوھار ۽  عصمت بي بي ملڪ جا ميت باقيات شيخ زيد اسپتال رحيم يارخان  کان ٻن ايڌي ايمبولنسن ذريعي فجر ويل شھدادپور پھچايا ويا شھدادپور ۾  عصمت بي بي ملڪ جو تابوت۾ بند باقيات ميت سندس پٽن تاج محمد ملڪ۽ ٻين  ڊي اين اي رپورٽ کي رد ڪري ماء جو لاش جي باقيات وٺڻ ۽ وصول ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ سندن  ماء پنجاب جي رائيونڊ اسپتال ۾ زندہ ۽ داخل ھجڻ جوچئي لاش وصول نہ ڪيو.

اھڙي صورتحال بعد انتظاميہ ٿرٿلي ۾ پئجي وئي عصمت بي بي جي آيل ميت جي باقيات کي ايمبولنس سميت سمس اسپتال شھدادپور جي مارچري۾ رکرايو ويو جيڪو لاش 10 ڪلاڪن تائين سمس اسپتال پيل رھيو 10 ڪلاڪن بعد نيٺ انتظاميہ ۽ پاڙي وارن جي طرفان پنجاب ۾ ڀاء عبدالغفار سان رابطو ڪري وارثن کي مطمئن ڪري ورتو ۽  ماء عصمت بيبي جي ڊي اين سي رپورٽ بعد آيل ميت جي باقيات  پٽ تاج محمدملڪ وصول ڪري ورتي ۽ ماء جو لاش گھر کڻائي ويو.

پٽ تاج محمد ملڪ ٻڌايو تہ والدہ جي ڳولا لاء ڀاء عبدالغفار ملڪ پنجاب ۾ آھي جنھن لاء اسان کي اطلاع ھو تہ ماء رائيونڊ جي اسپتال ۾ داخل آھي ۽ زندہ آھي  ڀاء رائيونڊ پھڇي ماء جي ڳولا ڪئي پر ماء  اسپتال ۾ نہ ھئي اطلاع ڪوڙو نڪتو  ڀاء عبدالغفارملڪ جي اھڙي تصديق بعد اسان رد ڪيل ڊي اين اي رپورٽ کي مڃي لاش وصول ڪري رھيا آھيون.

  ٻئي طرف  ھڪ ٻئي شھدادپور واسي حيدر علي لوھار جي ميت وارثن  سنھري مسجد لڳ وصول ڪئي ۽ لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو،   حيدرعلي لوھار جي نمازہ نماز مدرسہ داراعلوم  حسينہ ۾ سوين آلين اکين سان قاري سليم  جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ ڪنھن بہ چونڊيل نمائندي سياسي توڙي سرڪاري ڪامورن شرت نہ ڪئي .

نماز جنازہ ۾ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏھن تہ 70 سالا عصمت بي بي ملڪ جي ميت جي باقيات ابدال نگر گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو