ٽنڊوڄام جي گرڊ اسٽيشن جي ڪنٽرول روم ۾ ڏيڍ مهيني اندر ٻيو ڀيرو باهه، سوين ڳوٺن جي بجلي بند

news

ٽنڊوڄام: خميس 7 نومبر 2019ع، انتظامي نااهلي سبب حيسڪو سب ڊويزن  ٽنڊوڄام جي گرڊ اسٽيشن جي ڪنٽرول روم ۾ ڏيڍ مهيني اندر ٻيو ڀيرو باهه لڳي ويئي. جنهن سبب ٽنڊوڄام سب ڊويزن جا ست ئي فيڊر بند ٿي ويا، ست ئي فيڊر بند ٿيڻ سبب ٽنڊوڄام شهر سميت تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي جا سوين ڳوٺ جي بجلي بند ٿي ويئي.

جڏهن ته باهه سبب گرڊ اسٽيشن ۾ هر طرف دونهون ڦهلجي ويو، ۽ ملازمن ۾ ڀاڄ ۾ پئجي ويو. جڏهن ته گرڊ اسٽيشن ۾ بيٺل فائر برگيڊ ناڪاره هجڻ ۽ باهه وسائڻ جو مڪمل سامان نه هجڻ سبب عملو باهه وسائڻ ۾ ناڪام رهيو،

اطلاع ملڻ تي ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام ۽ حيدرآباد جي فائر برگيڊ پهچي باهه تي ضابطو آندو. انتظاميه جي نااهلي سبب  گرڊ اسٽيشن جي ڪنٽرول روم ۾ ڏيڍ مهيني دوران ٻيو ڀيرو باهه لڳي آهي،

حيسڪو عملدارن جو چوڻ آهي ته سرڪٽ شارٽ ٿيڻ سبب ڪنٽرول روم کي باهه لڳي آهي، جنهن سان ٽن  فيڊرن جا پينل سڙي ويا آهن،

هنن ٻڌايو ته متاثر فيڊرن جي بجلي بحال ڪرڻ ۾ ٻه ڏينهن لڳي ويندا ۽ ٻين فيڊرن جي رات دير سان  بجلي بحال ڪئي ويندي.