روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ ڪنر شاخ کي ويهه فٽ جو گهارو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪيو

news

ٽنڊوڄام: خميس 7 نومبر 2019ع،  ٽنڊوڄام لڳ روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ ڪنر شاخ کي ڳوٺ ساجن خاصخيلي وٽان  ويهه فٽ جو گهارو، ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ، آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان.

خبر موجب ٽنڊوڄام لڳ کيسانه موري وٽان روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ ڪنر شاخ کي ڳوٺ ساجن خاصخيلي وٽان ويهه فٽ جو گهارو لڳي ويو.

جنهن سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل مرچن، ٽماٽن ۽ ڪمند جو نئون فصل پاڻي هيٺ اچي ويا. اطلاع ڏيڻ باوجود پنج ڪلاڪن بعد آبپاشي عملي شاخ کي بند ڪيو،

جڏهن ته شاخ کي لڳل گهاري کي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت بند ٻڌي گهارو بند ڪري ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ کان روڪي ورتو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته گهاري لڳڻ جو اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملي پنج ڪلاڪن بعد شاخ بند ڪئي ۽ گهاري واري هنڌ پهتا.

هنن چيو ته آبپاشي کاتي جي ايس ڊي او جي نااهلي سبب اسان جو لکين روپين جو فصل تباهه ٿيو آهي، هنن اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺي تدارڪ ڪرڻ جي گهر ڪئي.