حيدرآباد تعلقي جو ٻهراڙي وارو شهر مسوڀرڳڙي انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل، رهواسي پريشان

news

مسوڀرڳڙي: خميس 7 نومبر 2019ع، اڄ جي جديد دور ۾ به  تعلقي حيدرآباد رورل جو شھر مسوڀرڳڙي انيڪ مسئلن جي ور چڙھيل, مسوڀرڳڙي بوائز پرائمري اسڪول , مسو ڀرڳڙي گرلز پرائمري اسڪول ۽ مسوڀرڳڙي بوائز  هاء اسڪول م صاف پاڻي جي سهولت نه هئڻ ڪري شاگرد توڙي شاگردياڻيون جر جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور بڻيل ,فرنيچر جي کوٽ سبب گرلز پرائمري اسڪول جون شاگردياڻيون پٽ تي ويهڻ تي مجبور بڻيل ,

گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول جي بلڊنگ جي ڇت مان چاپڙ ڪرندڙ جنهن سبب شاگردن جون زندگيون داء تي لڳل ٽنهي اسڪولن ۾  بجلي جا انتظام به اڻپورا هئڻ ڪري شاگردن جي تعليم پڻ متاثر ٿيڻ لڳي گورنمنٽ گرلز پرائمري اسڪول مسوڀرڳڙي ,گورنمنٽ گرلز مڊل اسڪول مسوڀرڳڙي ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول مسوڀرڳڙي ۾  استادن جي سخت کوٽ سبب مستقبل جي معمارن جو مستقبل تباھ ٿيڻ لڳو ,

10هزار کان مٿي آبادي واري شھر ۾ صرف هڪ بي ايڇ يو اسپتال آھي جيڪا 9 کان 2  بجي تائين کليل هوندي آھي  ان ۾ به جيڪڏھن ڪو سيريس مريض اچي وڃي ٿو ته پي پي ايڇ آء وارا ڏھاڙي وارا ڊاڪٽر ان کي  "ريفر" ٽو حيدرآباد جو گس ڏسيندا آھن ، ٿيڻ ته ائين گهرجي ته ايڏي وڏي آبادي واري شھر کي رورل هيلٿ سينٽر RHC جو درجو ڏنو وڃي , 

شھرجي جامع مسجد کان وٺي ڀٽي پاڙي  تائين روڊ کنڊر بڻيل آھي جيڪو 20 سالن تائين مرمت  نه ٿي سگهيو آھي , هتان جا سوين نوجوان بيروزگاري جي ڪري هٿن ۾ ڊگريون کنيو دردر جون ٺوڪرون کائڻ تي مجبور بڻيل آھن.

هتي ڪنهن کي به ميرٽ تي ڪابه نوڪري نه ڏني وئي آھي , نه چونڊيل نمائندن طرفان , صرف پنهنجا نواز پاليسي کان سواء , ڊگريون کنيو روزگار جي تلاش ڪندڙ نوجوانن کي جي روزگار نه مليو ته اهي  پوءِ  خودڪشي جو نه سوچيندا ته ٻيو ڇا ڪندا , شھر ۾ جي هڪ واٽر سپلائي اسڪيم ۽ ٻه آر او پلانٽ سالن کان ناڪاره بڻيل آھن , جنهن جي ڪري هتان جا سوين رهواسي جر جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور بڻيل آھن.

پر اڃا تائين ڪنهن به چونڊيل نمائندي کي ڪو ترس نه آيو آھي ,هتي بيروزگاري ۽ منهگائي جي ڪري ماني جي ويلي لاء غريبن جا ٻچا  ترسي رهيا آھن , هتي جي سرڪاري اسپتالن م ڇتي ڪتي جي چڪ جي ويڪسين موجود ناهي جنهن جي ڪري متاثره ماڻهو کي پنهنجي پيسن سا اڪثر انجيڪشن خريد ڪرڻي پوي ٿي ,هتي 24 ڪلاڪن مان لڳ ڀڳ 16 ڪلاڪ  لوڊ شيڊنگ جو آزار هوندو آھي,

شھر  جي هر پاڙي جي گٽر نالين جي حالت خراب آھي ناليون اٿڻ ته روز جو معمول بڻيل آھي ۽ اڪثر ، پاڙي جون گليون ۽ رستا ڪچري جا ڍير بڻيل آھن , هتي گرلز هاء اسڪول ۽ گرلز ڊگري ڪاليج نه هئڻ ڪري اڪثر هتان جون نياڻين وڌيڪ تعليم پرائڻ کان محروم بڻيل آھن.

هتان جي رهواسين تڪ جي چونڊيل ايم اين اي ,ايم پي اي ۽ ضلع چيئرمين کان مطالبو ڪيو آھي ته مسو ڀرڳڙي شهر جان مسئلا حل ڪري رهواسين کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن جيڪو سندن آئيني قانوني حق آھي.