والاريل ڪشمير ۾ برفباري سبب چئن ڀارتي فوجين سميت نو ڄڻا فوت

news

سرينگر: (جمعو 08 نومبر 2019ع) والاريل ڪشمير ۾ سخت برفباري دوران ڀارتي فوج جي 4 اهلڪارن سميت 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير ۾ ٿڏ ۾ واڌ ٿيندي ئي برفباري جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. جنهن سبب معمول جي زندگي جو ونهوار متاثر ٿيو آهي. جڏهن ته مختلف واقعن ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

ضلعي ڪپواڙا ۾ طوفان سبب ڀارتي فوج جا 2 اهلڪار فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ حادثي ۾ به 2 اهلڪار فوت ٿي ويا ۽ ٻين مختلف واقعن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.  موسميات کاتي موجب سري نگر ۾ هڪ فٽ جڏهن ته ڪپواڙا، شوپيان، گنديال ۽ بارا مولا ۾ 3 کان 4 فٽ  برفباري رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

خراب موسم سبب  تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. والاريل وادي ويندڙ سمورا مرڪزي روڊ سري نگر جمون هاءِ وي، سري نگر پونچهه هاءِ وي ۽ سري نگر ڪارگل هاءِ وي برفباري سبب بند ٿي ويا آهن جتي 2 هزار کان وڌيڪ گاڏيون ڦاسي ويون آهن.