بدين ڀرسان ڊمپر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت، دوست زخمي

news

 بدين: جمعو 8 نومبر 2019ع، بدين ڀرسان ٽنڊباگو روڊ تي اولياءُ جهنڊوشاه اسٽاپ وٽ بدين شهر کان ٽنڊوباگو ويندڙ دوستن جي موٽر سائيڪل کي سامهون کان ايندڙ ڊمپر ٽڪر هڻي ڪڍيو.

زوردار ٽڪر سبب  موٽر سائيڪل سوار وارڊ 3 زرگر پاڙي رهواسي 17 سالن جو ميٽرڪ جو شاگرد فرحان پٽ نثار راهمون موقعي تي فوت ٿي ويو.

جڏهن ته سندس دوست اتفاق ڪالوني جو رهواسي شاه حسين آرائين سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳوٺاڻن جي مدد سان انڊس اسپتال بدين ۾ داخل ڪيو ويو.

جتي حالت نازڪ هئڻ سبب کيس حيدرآباد روانو ڪيو ويو آهي جڏهن بدين پوليس حادثي جي  ذميوار اڪبر خان پٺاڻ کي گرفتار ڪري ڊمپر کي پڻ تحويل ۾ وٺي جانچ شروع ڪري ڇڏيو آهي.