سکر ملتان موٽر وي جي افتتاح ۾ دير ٿيڻ سبب روڊ ننڍين گاڏين لاءِ کوليو ويو

news

سکر: (ڇنڇر 09 نومبر 2019ع) 5 مهينن کان وڌيڪ ٽائيم گذرڻ باوجود سکر ملتان موٽر وي ايم فائيو جو اڃان تائين افتتاح نه ٿي سگهيو آهي پر ان کي هاڻ ننڍي گاڏين جي لاءِ کوليو ويو آهي.   

سي پيڪ تحت وفاقي حڪومت جي منصوبي سکر ملتان موٽر وي ايم فائيو کي ننڍين گاڏين جي لاءِ کوليو ويو آهي جنهن سان تقريبن  8 ڪلاڪن جو سفر هاڻ ساڍي ٽن ڪلاڪن جو رهجي ويو آهي. سکر کان ملتان وڃڻ جي لاءِ روهڙي انٽرچينج کان موٽر وي تي داخل ٿيڻ کان پوءِ پهريون انٽرچينج پنوعاقل تي ٺاهيو ويو آهي جنهن کان پوءِ گهوٽڪي، گڊو، بهادرپور، رحيم يار خان، ظاهر پير، ترنڊه پناهه،  بهاولپور، اوچ شريف، جلال پور، پير والا، شجاع آباد، انٽر چينجز  کان ٿيندو ملتان ۾ داخل  ٿيندو.

390 ڪلو ميٽر واري هن موٽر وي تي ريسٽ هائوس ۽ مسجدون به ٺاهيون ويون آهن پر سهوليتون اڃان تائين نامڪمل آهن. ان سان گڏ ئي فيولنگ اسٽيشنون نه هجڻ سبب مسافرن کي انٽرچينجز تان لاهي شهر ۾ فيولنگ ڪرائڻي پوندي ۽ ٻيهر موٽر وي تي اچڻو پوندو.

ياد رهي ته سي پيڪ جي ان منصوبي پي ڪي ايم فائيو جي سيڪشن ون سکر ملتان کي کولڻ جي لاءِ انتظاميه جي طرفان اڱاري 5 نومبر  جو وقت ڏنو ويو هو جنهن جي لاءِ سکر ۾ افتتاحي تقريب به منعقد ٿيڻي هئي پر منصوبي جي مينجر سيفٽي اينڊ انوائرمنٽ ميجر بابر جي طرفان ميڊيا کي اطلاع ڏني وئي آهي ته هي افتتاح ملتوي ڪيو ويو. گذريل مهينن جي دوران ڇهون ڀيرو افتتاح ملتوي ٿيڻ کان پوءِ ان جي افتتاح جي لاءِ 7 نومبر تي نئين تاريخ ڏني وئي هئي پر اڃان تائين ان جو افتتاح نه ٿي سگهيو.

ياد رهي ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي ان اهم منصوبي تي ڪم جو افتتاح اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف 6 مئي 2016 تي ڪيو هو.