شعيب اختر پاران قومي ٽيم جي بهترين رانديگر بابر اعظم مٿان سخت تنقيد

news

ڪراچي: (ڇنڇر 09 نومبر 2019ع) اڳوڻو قومي ٽيم جو فاسٽ بالر شعيب اختر آسٽريليا کان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ناڪامي تي ڪپتان بابر اعظم مٿان سخت تنقيد ڪرڻ لڳو. 

 شعيب اختر چيو ته قومي ڪپتان ٽاس کٽڻ کان پوءِ اعلان ڪيل اسڪواڊ ۾ به غلطي سان نسيم شاهه جو  به نالو پڙهي ورتو هو.

شعيب اختر سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي وڊيو ۾ چيو آهي ته مون کي اندازو آهي ته ڪپتاني جو دٻاءُ هوندو آهي پر بابر کي شروعات ۾ ئي ايترو وڌيڪ دٻاءُ نه وٺڻ گهرجي.

آخرڪار هو اسان جو بهترين رانديگر آهي. ان کي آسٽريليا جي تيز پچن تي گهڻو ڪجهه سکڻو آهي.