بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي سيريز هارائڻ کان پوءِ غلطين مان سبق سکڻ جو روايتي بيان ڏئي ڇڏيو

news

لاهور: (ڇنڇر 09 نومبر 2019ع)  آسٽريليا جي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شڪست کان پوءِ بابر اعظم غلطين مان سبق سکڻ جو روايتي بيان ڏئي ڇڏيو آهي.

پرٿ ۾ ٽيون ٽي ٽوئنٽي ۽ سيريز هارائڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته مايوسي ٿي آهي پر هڪ بهتر ٽيم کان هار کاڌي آهي. شروعات ۾ وڪيٽون جلد ڪرڻ سبب سمورو پلان خراب ٿيو. هن چيو ته پنهنجي غلطين مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي، ڪوشش ڪنداسين ته آئنده اهڙين غلطين کي ٻيهر نه ورجايون. ڪيترائي رانديگر اهڙي ڪيفيت مان گذري رهيا آهن انهن کي فارم ۾ واپس اچڻ جي لاءِ وقت ڏيڻو پوندو.

اميد آهي ته اسان جي سپورٽ سان هو پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ ۾ ڪامياب ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪپتان هجڻ جي باوجود مون تمام گهڻو سکيو آهي. اڃان پهريون دورو هو. اڃان ڊگهو سفر باقي آهي. سيريز ۾ سٺي بالنگ نه ڪري سگهياسين ان جي لاءِ نوجوان بالرن محمد حسنين ۽ محمد موسيٰ کي به موقعو ڏنو  انهن بهترين بالنگ به ڪئي پر ايرون فنچ ۽ ڊيوڊ وارنر پنهنجي ڪلاس ڏيکاريندي سڀني کي لاجواب ڪري ڇڏيو.

اميد آهي ته نوجوان رانديگر وقت سان گڏ وڌيڪ تجربو حاصل ڪندي پنهنجي پرفارمنس کي بهتر ڪندا. بابر اعظم چيو ته هاڻ سمورو ڌيان ٽيسٽ سيريز ۽ ان کان اڳ کيڏجندڙ ڊگهي فارميٽ جي پريڪٽس ميچن تي آهي.