ملڪ ۾ هر سال نوي هزار ٻار نمونيا سبب فوت ٿي وڃن ٿا: ماهرين

news

ڪراچي: (ڇنڇر 09 نومبر 2019ع) پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ نمونيا کان بچاءُ جو عالمي ڏينهن 12 نومبر تي ملهايو ويندو. ماهرين چون ٿا ته علاج ٻارن جو بنيادي حق هوندو آهي.

ٻارن کي حفاظتي ٽڪا لڳرائي ننڍي عمر ۾ ٻارن کي مختلف مرضن کان محفوظ ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان پيڊيا ٽرڪ ايسوسيئيشن سنڌ جي سيڪريٽري ڊاڪٽر خالد شفيع ۽(اين آءِ سي ايڇ) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر جمال رضا صحافين سان ڳالهائنيدي چيو ته پاڪستان ۾ حفاظتي ٽڪا نه لڳرائڻ سبب سالانه 3 لک 50 هزار(5 سالن تائين جي عمر وارن ٻارن) جون فوتگيون ٿي رهيون آهن.

ان فوتگين جو انگ حفاظتي ٽڪا لڳرائي گهٽ ڪري سگهجي ٿي. پاڪستان ۾ نمونيا سبب سالانه  90 هزار ٻار موت جو شڪار ٿين ٿا. جيڪا هڪ خطرناڪ علامت آهي. جيڪڏهن ٽائيفائيڊ سان دنيا ۾ 6 لک فوتگين ٿي رهيون آهن ته ان فوتگين ۾ 60 سيڪڙو پاڪستان سميت ايشيائي ملڪن مان رپورٽون ٿينديون آهن.

12 نومبر تي نمونيا جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ماءُ پيءُ ۾ ٻارن کي حفاظتي ٽڪا لڳرائڻ جي لاءِ آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. ويڪسينيشن ان ٻارن جو بنيادي حق هوندو آهي پر پاڪستان سميت ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ مختلف سببن جي ڪري ٻارن  کي ويڪسينيشن نه پئي ڪرائي وڃي.