امن جي لاءِ ڪرتارپور راهداري جو افتتاح ڪرڻ بهترين ۽ اهم قدم آهي: مهوش حيات

news

ڪراچي: (ڇنڇر 09 نومبر 2019ع) نشان امتياز حاصل ڪندڙ پاڪستان جي مشهور اداڪاره مهوش حيات ڪرتارپور راهداري جي افتتاح تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

اداڪاره مهوش حيات هڪ ٽوئٽ جي ذريعي ڪرتارپور راهداري جي افتتاح کي ساراهه جوڳو قدم قرار ڏنو آهي. مهوش حيات ٽوئٽ ۾ لکي ٿي ته امن جي لاءِ بابا گروپ نانڪ جي 550هين ڄمڻ جي ڏينهن تي ڪرتارپور راهداري جو افتتاح ڪرڻ هڪ اهم قدم آهي.

هي سچي مذهبي هم آهنگي ۽ پاڪستانين جي وڏي دل جي نشاني آهي. ڪرتارپور راهداري جي افتتاح جي موقعي تي اداڪاره وڌيڪ لکيو آهي ته اڪثر ماڻهو ٻين ماڻهن جي وچ ۾ نفرتون ختم ڪرڻ جي لاءِ پل جي بجاءِ ڀتون بيهاري ڇڏيندا آهن.

هن چيو ته اسان کي بهتر کان بهتر ڪرڻ گهرجي. اسان جي نيت صاف آهي ته منزلون پاڻ ئي آسان ٿي وينديون آهن.