خيبرپختونخواهه جي تعليمي نظام مان تمام گهڻي متاثر ٿي آهيان: نيلم منير

news

لاهور: (ڇنڇر 09 نومبر 2019ع) پاڪستاني فلم ۽ شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره نيلم منير سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن ٻڌايو آهي ته هو خيبرپختونخواهه جي نئين تعليمي نظام مان تمام گهڻي متاثر ٿي آهي.

اداڪاره پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي اباڻي صوبي خيبرپختونخواهه جي هڪ تصوير ۽ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نيلم منير روايتي لباس ۾ آهي ۽ کيس اڇي رنگ جي چادر به پاتل آهي. نيلم  منير ان تصوير ۽ وڊيو سان گڏ هڪ ڪيپشن به لکيو آهي جنهن ۾ هن خيبرپختونخواهه جي تعليمي نظام جي تعريف ڪئي آهي.

اداڪاره ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته پشاور ۾ مون کي گهر جيان محسوس ٿيندو آهي. مان خيبرپختونخواهه جي نئين تعليمي نظام مان تمام گهڻي متاثر ٿي آهيان. هن وڌيڪ لکيو آهي ته اهو ڏسي مون کي تمام بهتر محسوس ٿي رهيو آهي ته  هتان جا ٻار مفت ۾ بهترين تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته ان اسڪول جا استاد به خيبرپختونخواهه کي بهتر طور تي تبديل ڪرڻ جا خواهشمند آهن.