اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف علاج جي لاءِ سڀاڻي لنڊن روانو ٿيندو

news

لاهور: (ڇنڇر 09 نومبر 2019ع) اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف  علاج جي لاءِ سڀاڻي لاهور کان لنڊن جي لاءِ روانو ٿيندو. ذريعن موجب حڪومت طرفان اي سي ايل مان نالو ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي پرڏيهه روانگي کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.

نوازشريف سڀاڻي صبح جو 9 بجي لاهور کان لنڊن روانو ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ميان شهباز شريف، جنيد صفدر، ڊاڪٽر عدنان سميت شريف فيملي  جا ٻيا ماڻهو به نوازشريف سان گڏ لنڊن ويندا. جڏهن ته مريم نواز قانوني پابندين سبب انهن سان گڏ نه وڃي سگهندي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته نوازشريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو معاملو گهرو وزارت نيب ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي ۽ امڪان آهي ته نوازشريف کي صرف هڪ ڀيرو پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. نوازشريف جي طبيعت خراب هجڻ سبب پرڏيهي ايئرلائين جي ايئرايمبولينس بڪ ڪرائڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.

(ن) ليگ جي ذريعن موجب  نوازشريف جي علاج جي لاءِ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار لنڊن ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. هوڏانهن ايوي ايشن ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف کي علاج لاءِ پرڌيهه کڻي وڃڻ لاءِ دوحا کان ايئرايمبولينس گهرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ايئرايمبولينس اڄ شام يا سڀاڻي صبح جو لاهور ايئرپورٽ پهچي ويندي.