ڪرتارپور راهداري کولڻ تي عمران خان جو شڪريو ادا ڪريان ٿو: نريندر مودي

news

گرداس پور: ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو چوڻ آهي ته ڪرتارپور راهداري کولڻ تي پنهنجي پاڪستاني هم منصب عمران خان جو شڪريو ادا ڪريان ٿو.

سک مت جي باني بابا گرونانڪ جي پيدائش واري ڏينهن تي پاڪستان جي طرفان سکن کي دنيا جي سڀ کان وڏي گوردواري دربار صاحب جو تحفو ڏيڻ تي جتي سڄي دنيا جا سک پاڪستاني قدم تي انتهائي خوش هئا اتي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي به پاڪستاني ڪوششن جي تعريف ڪرڻ بغير رهي نه سگهيو.

پنهنجي خطاب ۾ نريندر مودي جو چوڻ هو ته ان راهداري جي تعمير سان گوردوارا دربار صاحب جي زيارت آسان ٿي ويندي جنهن کي مقرره مدت ۾ تعمير ڪرڻ واري هر ماڻهو جو شڪريو ادا ڪريان ٿو.

ڀارتي وزيراعظم خصوصي طور وزيراعظم عمران خان جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته آئون پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان نيازي جو شڪريو ادا ڪريان ٿو هن ڪرتارپور راهداري جي لاءِ ڀارتي جي جذبات کي سمجهيو، ان کي عزت ڏي ۽ انهيءَ جذبات تحت قدم کنيا. ان کانسواءِ پاڪستان جي طرفن راهداري ايتري گهٽ مدت ۾ تيزي سان مڪمل ڪرڻ تي ان ڪم ۾ حصو وٺندڙ هر شخص جو شڪريو ادا ڪيو.

هن جو چوڻ هو ته بابا گرونانڪ جي 55هين سالگرهه کان پهرين گڏيل چيڪ پوسٽس، ڪرتارپور صاحب راهداري جي تڪميل ٿيڻ سڀني جي لاءِ ٻيڻي خوشي جو سبب آهي.