ڄامشورو ۾ ٻارنهن ربيع الاول جشن عيد ميلادالنبي زور شور سان جاري، سيڪيورٽي سخت

news

ڄامشورو(رپورٽ: حيات ميراڻي) ڇنڇر 9 نومبر 2019ع، ڄامشورو جي مسجدن امام بارگاهن دڪانن گهرن کي سائين جهنڊي بتين سان روشن ڪيو ويو پٽارو ڄامشورو لمس ڪالوني واپڊا ڪالوني ڳوٺ سائين ڏنو ملاح ۾ مسجدن ۾ جشن ميلاد تقريبون جاري سڀاڻي 12 ربيع الاول جي موقعي تي ٽائون ڄامشورو مان مختلف ڳوٺن وارڊن يونين ڪائونسلن مان  10 کان وڌيڪ جشن ميلاد جون ريليون ڪڍيون وينديون.

جڏھن ت صبح جو 10 بجي سموريون ريليون  ڄامشورو فلاء اوور تي سڀ ننڍيون وڏيون ريليون گڏجي هڪ وڏي ريلي جي صورت ۾ جشن ميلاد جي ريلي ڪڍي سنڌيونيورسٽي ڪالوني سوسائٽي لمس ڪالوني واپڊا ڪالوني ڳوٺ سائين ڏنو ملاح مين شاهي بازار سينڊوز روڊ  شھر جي مختلف ڳوٺن ۾ گشت ڪرڻ بعد رٿيل جلسن ۾ مولوي اڳواڻ خطاب ڪندا ۽  رسول ص جي شان ۾ نعت پڙھيا ويندا،

ٻئي طرف طرف جشن ميلاد جي موقعي تي ضلعي ڄامشورو ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آھي ڪوٽڙي ڄامشورو ۾ فليگ مارچ پڻ ڪيو ويو ان حوالي سان ايس ايس پي ڄامشورو امجد احمد شيخ جي هدايتن تي پڻ مسجدن عبادگاهن واري جڳهن توڙي ريلين جي سيڪيورٽي تي پوليس توڙي رينجرس جا اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويا آھن ،

رابطي ڪرڻ تي ايس ايس پي ڄامشورو ٻڌايو آھي ته 12 ربيع الاول جي موقعي تي ضلعي ڄامشورو ۾ امن امان حوالي سان سخت قدم کنيا ويا آھن ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاء پوليس توڙي رينجرس اهلڪارن جون ٽيمون جوڙيون ويون آھن مسجدن عبادت گاهن امام بارگاهن جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ سميت ريلين جي حفاظت لاء پڻ پوليس موبائلون اضافي لڳايون ويون آھن.

هن وڌيڪ چيو آھي ت اسلام پيار محبت امن جو درس ڏئي ٿو سردار رسول ص جي جشن ولادت جي خوشي جي موقعي تي تمام مذھبي سياس سماجي ڌرين جي اڳواڻن کي هڪ ٻئي جو احترام ڪري اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ڏڦيڙ فتو فساد ڦھلائيندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.