مسلم ليگ (ن) صدارتي آرڊيننس کي چئلينج ڪري ڇڏيو

news

اسلام آباد: مسلم ليگ (ن) صدارتي آرڊيننس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آرڊيننس آئين جي خلاف ورزي ۽ پارليامينٽ کي غير موثر بڻائڻ جي مترادف آهي.

مسلم ليگ (ن) جي طرف کان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ جي موجودگي ۾ آرڊيننس جاري ڪرڻ آئين جي خلاف ورزي آهي. عدالت حڪومت کي پارليامينٽ جي تعظيم برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ۽ آرڊيننس جاري ڪرڻ کان روڪي.

درخواست ۾ صدر، سيڪريٽري پارليامينٽ، سيڪريٽري سينيٽ، وزيراعظم جي پرسنل سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري وزارت قانون کي ڌر بڻايو ويو آهي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ محسن شاهه نواز رانجها ميڊيا سان گفتگو ۾ سڀني صدارتي آرڊيننس کي رد ڪندي چيو ته صدر صرف هنگامي صورتحال ۾ آرڊيننس جاري ڪري سگهي ٿو.

محسن شاهه نواز رانجها جو اهو به چوڻ هو ته گذريل سال کان ايستائين 20 آرڊيننس جاري ڪيا ويا آهن. قائمه ڪميٽيون غير موثر ٿي چڪيون آهن.