سون جي قيمت ۾ گهٽتائي

news

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ 200 رپين تائين گهٽتائي واقع ٿي آهي.

سنڌ صرافا بازار مطابق ڪراچي ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ 200 رپيا جڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت ۾ 171 گهٽتائي واقع ٿي آهي. ڪراچي ۾ في تولو سون جي قيمت 86 هزار 550 رپيا ڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت 74 هزار 203 رپيا ٿي وئي آهي.

صرافا بازار موجب عالمي بازار ۾ سون 4 ڊالر گهٽتائي سان 1459 ڊالر في اونس جو ٿي ويو آهي.