آئرلينڊ جي شهري کي مڱڻي جي منڊي ڳولڻ دوران هڪ لک پائونڊ جا سونا سڪا ملي ويا

news

آئرلينڊ: (آچر 10 نومبر 2019ع) اتر آئرلينڊ ۾ هڪ شخص کي پنهنجي دوست جي گم ٿي ويل مڱڻي جي منڊي ڳولڻ جي دوران 500 سال پراڻا سون جا تاريخي سڪا ملي ويا جنهن جي ماليت هڪ لک پائونڊ ٺهي ٿي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب 42 ساله رينارڊ جي دوست جي مڱڻي جي منڊي گم ٿي وئي هئي جنهن جي ڳولا جي دوران دوست جي منڊي ته نه ملي پر رينارڊ کي 500 سال پراڻا سون جا 84 سڪا مليا.  ان سڪن تي بادشاهه هينري هشتم جي دور جي 1500 صدي پراڻي تاريخ لکيل هئي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته سون جا اهي سڪا هڪ لک پائونڊ جي ماليت جا آهن. رينارڊ سڪن جي ملڻ کي غيبي مدد قرار ڏيندي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ائين محسوس ٿي رهيو آهي جيئن اسان جي لاٽري لڳي وئي آهي.

آثار قديمه جي ماهرن جي هڪ جاچ ٽيم مذڪوره جڳهه جو به دورو ڪيو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته ان جڳهه مان تاريخي حيثيت جون ٻيون قيمتي شيون به ملي سگهن ٿيون. جنهن جي لاءِ ان جڳهه جي کوٽائي ڪرڻي پئي ته اها به ڪنداسين.