چهري کي خوبصورت رکڻ لاءِ صحت جو خيال ڪرڻ به ضروري آهي

news

لاهور: (آچر 10 نومبر 2019ع) چهري کي صاف ۽ خوبصورت رکڻ جي لاءِ صرف ميڪ اپ يا فيشل وغيره ڪافي ناهي هوندو. پر خوبصورتي برقرار رکڻ جي لاءِ جسماني صحت جو به مڪمل خيال رکڻ ضروري آهي.

غذا سان گڏوگڏ روزاني جي ذهني ڪيفيت ۽ ٻين شين جو تعلق خوبصورتي سان سڌو سنئون آهي جتي خوبصورت نظر اچڻ لاءِ ڪيترائي جتن ڪيا ٿا وڃن. اتي ئي روزاني جي معاملن جو به جائزو ورتو وڃي. هيٺ ڏنل ڳالهين جو خيال رکڻ سان نه صرف اوهان جي خوبصورتي برقرار رهي سگهي ٿي پر ان سان جسماني صحت به برقرار رهڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

وٽامن سان ڀرپور کاڌا:

غذائي ماهرن جو چوڻ آهي ته غذا ۾ وٽامن جو استعمال ڪرڻ سان اوهان جو چهرو صاف رهندو ۽ اوهان جي صحت به بهتر رهندي جڏهن ته ماهرن موجب غذا ۾ به وٽامن جو شامل هجڻ ضروري آهي.

مختلف وٽامن جلد، ننهن ۽ وارن جي خوبصورتي برقرار رکڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. مثلا وٽامن بي جلد ۽ وارن کي صحتمند بنائڻ ۾ مددگار آهي. وٽامن بي ٽو جلد جي چڪنائي متوازن حد تائين رکڻ سان گڏ ننهن کي مضبوط بنائي ٿي. وٽامن سي جلد ۾ آڪسيجن جي مقدار وڌائڻ ۾ مدد ڏيندي آهي.

وٽامن ڊي اي ايف به جسماني صحت جي لاءِ ضروري آهي. تازو فروٽ، سبزيون، گوشت، دالين ۽ مختلف غذائي شين ۾ ملندڙ وٽامن نه صرف صحتمند  بنائڻ سان گڏ جلد جي خوبصورتي وارن ۽ ننهن جي مضبوطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.