اڳوڻي وزيراعظم جي پٽ علي حيدر گيلاني جي خلاف ايف آءِ آر داخل

news

مظفر ڳڙهه: اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. مظفر ڳڙهه انتظاميا ان ايف آءِ آر ۾ سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت جا قلم داخل ڪيا آهن.

خيال رهي ته 8 نومبر تي مظفر ڳڙهه ۾ بلاول ڀٽو جو جلسو هو. ان موقعي تي ملتان مان ايم پي اي علي حيدر گيلاني ۽ ڊي پي او جي وچ ۾ منهن ماري ٿي انتظاميا هن جيالي مٿان سرڪار جي ڪمن ۾ مداخلت جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ايف آءِ آر جي داخل ٿيڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن جيالي کي نقصان پهتو ته ذميوار پنجاب حڪومت هوندو. پي ٽي آءِ سرڪار پوليس ۾ سياسي مداخلت بند ڪري.