ايران تيل جا وڏا ذخيرا هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

news

تهران: (سومر 11 نومبر 2019ع) ايراني صدر حسن روحاني دعويٰ ڪئي آهي ته ايران 53 ارب بيرل تيل جا نوان ذخيرا هٿ ڪري ورتا آهن.

عرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب ايران جي صدر حسن روحاني سرڪاري ٽي وي تي تيل جا ذخيرا هٿ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته تيل جا نوان ذخيرا ملڪ جي 150 ارب بيرل ذخيرن کي وڌيڪ طاقت ڏئي سگهن ٿا. ايراني صدر ٻڌايو ته هي آئل فيلڊ ملڪ جي ڏکڻ صوبي خزستان ۾ واقع آهي. ان موقعي تي حسن روحاني آمريڪا کي للڪاريندي چيو ته مان وائٽ هائوس کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ان ڏينهن ۾ جڏهن آمريڪا ايراني تيل جي وڪرو تي پابندي لاڳو ڪئي ته اسان جي ملڪ جا انجنيئر ۽ مزدور 53 ارب بيرل تيل جي ڳولا لاءِ تيار هئا.

عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايران خام تيل رکندڙ هن وقت دنيا جو چوٿون ۽ قدرتي گيس رکندڙ ٻيون ملڪ آهي جڏهن ته هٿ ايندڙ نئين آئل فيلڊ آهواز جي 65 ارب بيرل جي آئل فيلڊ کان پوءِ ايران جي ٻئين وڏي آئل فيلڊ بڻجي سگهي ٿي. عرب ميڊيا موجب نئين آئل فيلڊ 2400 اسڪوائر ڪلو ميٽر تي ٻڌل آهي ۽ ان جي گهرائي 80 ميٽر آهي.

عرب ميڊيا موجب ايران جي لاءِ تيل جي ذخيرن واري اعلان تي عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايران پنهنجي اعلان ۾ اهو ناهي ٻڌايو ته ان ذخيرن مان تيل جي ڪيتري پيداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي. اهو اعلان سياسي سطح تي ڪيو ويو آهي ان حوالي سان ايران طرفان ڪي به ٽيڪنيڪي تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.