ڀارت پاران بابري مسجد جي جڳهه تي رام مندر جي اڏاوت جلد کان جلد شروع ڪرڻ جو فيصلو

news

نئين دهلي: (سومر 11 نومبر 2019ع) ڀارتي حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ بابري مسجد جي جڳهه تي فوري طور تي رام مندر جي اڏاوت جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب بابري مسجد جي جڳهه تي رام مندر جي تعمير ايندڙ سال  شروع ڪرڻ جو امڪان آهي. جنهن جي لاءِ مکرسنکرانتي جي تهوار جي موقعي تي پيڙهه جو پٿر رکڻ جون خبرون اچي رهيون آهن.

ڀارتي ميڊيا جو چون آهي ته حڪومت طرفان بابري مسجد جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ مندر جي تعمير ۽ ان جي لاءِ ٽرسٽ جي قيام تي فوري طور تي عمل ڪرڻ جو امڪان آهي. جنهن جي لاءِ حڪومت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان رابطو ڪندي  ته جيئن مندر جي تعمير فوري طور تي  تعمير ڪري سگهجي.

ڀارتي ميڊيا موجب سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته رام مندر جي تعمير جي لاءِ مکرسنکرانتي هڪ سٺو وقت آهي جنهن جي لاءِ سموريون ضرورري ڪارروايون جلد ئي مڪمل ڪيون وينديون. ڀارتي ميڊيا موجب سرڪاري ذريعن ٻڌايو آهي ته رام مندر جي تعمير سان 2022 ۾ اترپرديش ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته اتر پرديش جي وڏي وزير يوگي ادتياناٿ به ان پراجيڪٽ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري ان کي جلد شروع ڪرڻ جو خواهشمند آهي.