سنڌ حڪومت پاران ڪينسر ۾ مبتلا نثار ٻلهڙي جي علاج واري اعلان تي عمل نه ٿيو، ھلڻ ڦرڻ کان به لاچار

news

ڪراچي: سومر 11 نومبر 2019ع: سنڌ حڪومت پاران ڪينسر ۾ مبتلا نثار ٻلهڙي جي علاج واري اعلان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي نثار جي صحت  بدستور خراب ۽ گهمڻ ڦرڻ کان به لاچار آهي ڊينگي وائرس جي پازيٽو هجڻ سبب آغا خان مان ڪيميوٿراپي جو ڊوز نه نه لڳي سگهيو.

ڊاڪٽرن پاران ڊينگي جو علاج ڪيو پيو وڃي جنهن بعد کيس ڪيميو ٿراپي ڪئي ويندي. گورنر سنڌ ۽ وزيراعلي سنڌ طرفان صحت کاتي کي علاج لاء موڪليل نوٽيفڪيشن کانپوء نثار ٻلهڙي کي  گهرائي فنڊ نه هجڻ جو سبب ڄاڻائي ٻاهرين ملڪ يا آغا خان مان علاج ڪرائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.

بيمار سماجي ڪارڪن نثار ٻلهڙي آن لائن انڊس نيوز  سان ڳالهائيندي چيو ته صحت کاتي مون کي گهرائي چيو ته اسان وٽ اڳواٽ ڪينسر جي مريضن جا 149 جا فائيل پيل آهن فنڊ نه هجڻ ڪري ٻاهران علاج ڪرائي نه ٿا سگهون صرف سول يا جناح ۾ علاج جي ڪوشش ڪري سگهون ٿا.

نثار ٻلهڙو وڌيڪ چيو ته ڊينگي ٿي وئي آهي ان ڪري ڪيميوٿراپي نه ٿي سگهي آهي ڊينگي ختم ٿيڻ بعد ڊوز لڳايو ويندو منهجي بيماري ڪافي وڌي وئي آهي ان ڪري سرڪاري اسپتالن مان علاج ممڪن نه آهي .

وري به آغا خان ڪجهه بهتر آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته سرڪاري اعلان جي ڪري منهجي سهائتا لاء جهولي فنڊ مهم ختم ٿي وئي آهي مون کي هن مهل تائين 39 لک مليا آه جڏهن ته علاج جو ڪل خرچ 60 لک آهي مون کي باقي ضرورت واري رقم گهربل آهي.

آئون سنڌ جو احسان مند آهيان جنهن ڏکئي وقت منهجو ساٿ ڏئي مدد ڪئي آهي منهجي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ واسين کي اپيل آهي ته مڪمل علاج تائين ۽ سهڪار ڪري زندگي بچائي وڃي ۽ گڏ ڪيل چندو منهجي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايو وڃي.