دير سان ڪنسرٽ شروع ڪرڻ تي ميڊونا خلاف ڪيس داخل

news

فلوريڊا: (اڱارو 12 نومبر 2019ع) فلوريڊا جي هڪ شخص پاپ ميوزڪ جي شهزادي ميڊونا تي دير سان ڪنسرٽ شروع ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

مدعي دعويٰ ڪئي آهي ته ڳائڻي پنهنجو ڪنسرٽ رات جو 10:30 بجي کان پوءِ شروع ڪندي آهي ان لاءِ جيڪي ماڻهو صبح جو سوير ڪم تي ويندا آهن انهن جي لاءِ اهو وقت تمام گهڻي دير آهي.

مدعي چيو آهي ته هن 17 ڊسمبر تي پاپ ڳائڻي جي فلمور ميامي بيچ تي منعقد ڪنسرٽ جي شو ۾ وڃڻ جي لاءِ 3 ٽڪيٽ خريد ڪيا هئا ان ڪنسرٽ جي شروعات 8:30 بجي ٿيڻي هئي پر 61 ساله پاپ  ڳائڻي 2 ڪلاڪ دير سان پهتي.

ميامي ڊيڊ ڪائونٽي جي وفاقي عدالت ۾ داخل ڪيس موجب نيٽ هولينڊر نالي مدعي کي ايندڙ ڏينهن صبح جو ڪم تي وڃڻو هو جنهن جي ڪري هو ان ڪنسرٽ ۾ شرڪت نٿي ڪري سگهيو جيڪو رات جو دير سان هڪ بجي ختم ٿئي ها.

هولينڊر پاپ ڳائڻي تي اهو به الزام هنيو آهي ته هو ڪنسرٽ  ۾ شيڊول موجب نٿي اچي. ڳائڻي ان کان اڳ به ڪيترن ئي ڪنسرٽن ۾ وقت جي پابندي نه ڪندي دير سان ڪنسرٽ شروع ڪندي آئي آهي.