اڳوڻي اداڪاره عائشه خان ۽ ميجر عقبه ملڪ کي رب پاڪ ڌيءَ جي رحمت سان نوازي ڇڏيو

news

اسلام آباد: (اڱارو 12 نومبر 2019ع) اڳوڻي اداڪاره عائشه خان ۽ ميجر عقبه ملڪ کي رب پاڪ ڌيءَ جي رحمت سان نوازي ڇڏيو آهي.

اداڪاره عائشه خان جي گهر 2 ڏينهن اڳ ڌيءَ جي پيدائش ٿي آهي هن اسلام آباد جي نجي اسپتال ۾ ڌيءَ کي جنم ڏنو آهي. اها خبر سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيڻ سان ئي ان جي چاهيندڙن طرفان عائشه ۽ ان جي مڙس کي مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.

اداڪاره عائشه خان گذريل سال اپريل ۾ ميجر عقبه ملڪ سان شادي ڪئي هئي پر هن شادي کان پوءِ شوبز انڊسٽري جي دنيا کي ڇڏي ڏنو هو.   عائشه جي ان فيصلي تي ان جي مداحن ۾ مايوسي ڦهليل هئي  پر ماڻهن ان جي نئين زندگي جي لاءِ ڪيتريون ئي مبارڪبادون ڏنيون آهن.

واضح رهي ته عائشه خان جي مڙس ميجر عقبه ملڪ برٽش رائل ملٽري اڪيڊمي سان شهزادي وليم سان گڏ گريجوئيش ڪيو ۽ هو پهريون پاڪستاني آهي جنهن نوجوان ڪيڊٽس کي ملٽري جي تربيت فراهم ڪئي. ميجر عقبه پهريون پاڪستاني ملٽري آفيسر آهي جنهن آر ايم اي ايس ۾ پلاٽون ڪمانڊر جي حيثيت سان فرض انجام ڏنا ۽ اعزازي تلوار به کٽي آهي.