والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ڪرفيو کي هڪ سئو ڏينهن گذري ويا، خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ برقرار

news

سري نگر: (اڱارو 12 نومبر 2019ع) والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان لاڳو ڪيل ڪرفيو کي هڪ سئو ڏينهن گذري ويا آهن. وادي چنار جا رهواسي بي وسي جي تصوير بڻجي دنيا جي توجه جا منتظر آهن جيڪا اڃان تائين خاموشي تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

هن ڏينهن جي مناسبت سان عالمي برادري جو ڌيان وادي چنار طرف ڪرائڻ جي لاءِ آزاد ڪشمير جي عوام به سراپا احتجاج بڻيل آهي عوام احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ روڊن تي نڪري آئي آهي. مظاهرين ڪارا جهنڊا، بينرز ۽ پلي ڪارڊ کڻي رکيا آهن جن تي ڀارت  پاران ڪشميرين تي ڪيل ظلمن جي خلاف نعرا لکيل آهن. مظاهرين ڀارتي حڪومت جي خلاف سخت نعريبازي به ڪئي ۽ والاريل وادي جي فوجي محاصري جي خلاف علامتي هٿڪڙيون ٻڌي رکيون آهن.

احتجاج ڪندڙ عوام جو چوڻ آهي ته اسان جا هزارين بي گناهه نوجوان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قيد ۾ آهن. مظاهرين جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ آهي پر دنيا خاموش آهي. ٻارن کي کير نه پيو ملي سگهي جيڪو منظم نسل ڪشي جي برابر آهي.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت جي خلاف آواز اٿارڻ تي عوام جو چوڻ هو ته 100 ڏينهن کان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي پر ان باوجود پوري دنيا  خاموش آهي. مظاهرين مطالبو ڪيو آهي ته عالمي برادري ڪشميرين کي پنهنجا حق ڏيڻ جو واعدو پورو ڪري