راکي ساونت جو فجر واري نماز جي حوالي سان خوبصورت پيغام

news

ممبئي: (اڱارو 12 نومبر 2019ع) بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره راکهي ساونت انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ فجر جي نماز جي اهميت بيان ڪئي وئي آهي. اسڪينڊل راڻي جي نالي سان مشهور بالي ووڊ اداڪاره ۽ ٽي وي اسٽار راکهي ساونت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ ۽ سچ چوڻ کان ڪڏهن به ناهي گهبرايو.

راکي ساونت جتي سوشل ميڊيا تي ڀارتي وزيراعظم نريندر موري کي عوام سان ڪيل واعدا پورا نه ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بنايو هو اتي ئي پاڪستاني جهنڊي سان گڏ تصوير شيئر ڪري طوفان پيدا ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻ هن فجر جي نماز جي حوالي سان هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي.

راکهي ساونت طرفان انسٽاگرام تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ فجر جي نماز جي اهميت کي بيان ڪندي هڪ شخص چئي  رهيو آهي ته هڪ عورت هڪ عالم کان پڇيو ته مان اهڙو ڇا ڪريان جو پنهنجي ٻارن کي گهري ننڊ جي باوجود فجر جي نماز لاءِ اٿاري سگهان. ته عالم جواب ڏنو ته  اوهان ان وقت ڇا ڪندو جڏهن اوهان جي گهر ۾ باهه لڳي وڃي ته عورت جواب ڏنو ته مان پنهنجي ٻارن کي جاڳائيندس. 

عالم جواب ڏنو ته اوهان جو ٻار جيڪڏهن گهري ننڊ ۾ هجي ته پوءِ ڇا ڪندي ته عورت چيو ته مان ان جو گريبان مان جهلي گهليندي باهه کان بچائيندس ته عالم  مسڪرائيندي جواب ڏنو ته اوهان دنيا جي باهه کان بچائڻ جي لاءِ ان کي گريبان مان جهلي گهلي ٻاهر کڻي وڃي سگهو ٿا ته  جهنم جي باهه کان بچائڻ جي لاءِ به ان سان ائين ئي ڪريو.

ان وڊيو سان گڏ ئي راکهي ساونت پيغام ڏيندي لکيو آهي ته پيغام سڀني جي لاءِ آهي. هميشه خدا کي ياد ڪريو  ۽ ان جو شڪر ادا ڪريو باقي اوهان جي مرضي خدا سڀني کي عقل ڏئي.