افغانستان پاران پرڏيهي شهرين جي بدلي ٽي طالبان ۽ حقاني اڳواڻن جي آزادي جو اعلان

news

ڪابل: (اڱارو 12 نومبر 2019ع) افغانستان جي حڪومت مغوي پرڏيهي شهرين جي بدلي طالبان اڳواڻن جي  آزادي جو فيصلو ڪيو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب افغان صدر اشرف غني 3 ويڙهاڪ اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جن ۾ انس حقاني، حاجي ملي خان ۽ حآفظ راشد شامل آهن. قيدين جي تبادلي جي ذريعي افغانستان ۽ طالبان جي وچ ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ امن ڳالهين جو رستو به نڪري سگهي ٿو. انس حقاني جو خطي جي خطرناڪ ترين حقاني گروپ جي اعليٰ ترين اڳواڻن ۾ شمار ٿيندو آهي جڏهن ته حاجي ملي خان ۽ حآفظ راشد جو تعلق طالبان سان آهي ان جي آزادي جي عيوض طالبان طرفان 2 پرڏيهي قيدين کي آزاد ڪيو ويندو جن مان هڪ جو تعلق آمريڪا ۽  ٻئي جو آسٽريليا سان آهي.

آمريڪي قيدي جو نالو ڪيون ڪنگ ۽ آسٽريلوي شهري جو نالو ٽموتهي ويگز آهي جيڪي ڪابل ۾ آمريڪي  يونيورسٽي جا پروفيسر هئا ۽ 2007 ۾ انهن کي  يونيورسٽي جي ٻاهران اغوا ڪيو ويو هو. صدر اشرف غني سرڪاري ٽي وي  تي سڌو سنئون ان قدم جو اعلان ڪندي چيو آهي ته طالبان جي اعليٰ اڳواڻن جي آزادي ڏکيو فيصلو آهي جيڪو ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته طالبان سان سڌو سنئون ڳالهين جا رستا بهتر ڪرڻ جي لاءِ 2 پرڏيهين جي بدلي طالبان قيدي آزاد ڪيا پيا وڃن. واضح رهي ته هي فيصلو اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو آهي جڏهن آمريڪا ۽  طالبان وچ ۾  رولڙي جو شڪار ڳالهين کي بحال ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. گذريل مهيني آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ امن معاهدو ٿيڻ ئي وارو هو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪابل ۾ هڪ حملي کي جواز بنائي اهو معاهدو ملتوي ڪري ڇڏيو هو.