مبارڪپور ۾ پورهيت ڪينسر وگهي فوت، گهر ۾ ڪهرام

news

مبارڪپور : اڱارو 12 نومبر 2019ع، مبارڪپور شهر جي ڀٽا محلا جو مشهور محنتي اوستو ڪريم بخش عرف سٽو ڀٽو جيڪو ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو،

جنهن کي وارثن ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو،

جيڪو ڪاله ڪراچي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جو مڙه ڳوٺ پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو،

سندس وني  کي بيهوشي جا دورا وقفي وقفي سان پوڻ لڳا   مرحوم جي جنازي نماز سڀاڻي (اڄ) مبارڪپور ۾ ادا ڪئي ويندي.